چونڊ سرگرمين ۾ گرمجوشي ڇو نه آھي ؟

تحرير: روحان احمد

پاڪستان ۾ عام چونڊن ٿيڻ ۾باقي 17 ڏينهن بچيا آهن، پر ماضيءَ جي ابتڙ هن ڀيري  ملڪ جي روڊن ۽ چوراهن تي ھنڌين ھنڌين سياسي اميدوارن جا بينر ۽ پوسٽر گهٽ نظر اچي رهيا آهن.

پاڪستان جي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي نظر وجهجي ته اتي بھ انهن سياسي پارٽين جي اڳواڻن جي اشتهارن جي رش نظر نٿي اچي.

ماضيءَ  ۾،ٽي وي ۽ اخبارن جي اشتهارن ۾ ڪٿي ”بيٽ“ جو زور ھو تھ ڪٿي شينهن  جي گجگوڙ تھ وري ڪٿي تير جو نشانو، پر هن ڀيري نه تھ اشتهارن جي گهڻائي آهي ۽ نه ئي جلسن، جلوسن ۽ اليڪشن آفيسن جي ٻاھر ويٺل ماڻهن ۾ ڪا گرمجوشي،آخر  ڇو؟

پاڪستان ۾ وڏين سياسي جماعتن جا اڳواڻ  ان مشاھدي سان جزوي طور تي اتفاق ڪندي نظر اچن ٿيون.سياسي جماعتون ۽  اميدوار چونڊ مهم جي تياري جي دعويٰ ڪن پيا، پر جلسن سميت سياسي سرگرمين ۾ گهٽتائي نظر اچي رهي آهي.

مبصرن موجب  رستن  ۽ گهٽين ۾ چونڊ سرگرمين جي گھٽ ھئڻ جا ڪيترائي سبب آھن، جن ۾ چونڊن بابت بي يقيني، ماڻھن جو سياست مان مبينا طور تي اعتماد  کڄي وڃڻ، موسم جي سختي ۽ ھڪ وڏي سياسي پارٽي جو ميدان مان ٻاهر ھجڻ، شامل آھن.

اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ واضح ڪري  چڪا آهن ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون ، پوءِ چونڊن جي حوالي سان غير يقيني ڇو آهي؟

پاڪستان جي مٿين ايوان ۾ هن وقت تائين ٽي ٺهراءُ پيش ڪيا ويا آهن،جن ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي جي خراب صورتحال ۽ موسم جي شدت کي جواز پيش ڪيو ويو.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ قمر زمان ڪائره،بي بي سي اردو کي ٻڌايو ته “توهان جو اھو مشاهدو درست آهي ته هن ڀيري چونڊن جي گرمجوشي ۾ گھٽتائي ڏسڻ ۾ اچي رھي آھي،جنھن  جو سبب ماڻھن ۾ چونڊ جي حوالي سان پکڙيل بي يقيني آھي“

هن چيو ته ”ماڻهو اڪثر اسان کان بھ پڇندا آهن ته چونڊون ٿينديون يا نه ؟  اسان کين ٻڌايون ٿا ته اھڙو ڪو سبب اسان کي تھ نظر نٿو اچي،جنھن ڪري اليڪشن ملتوي ٿئي“

واضح رهي ته چونڊن کان قانون تحت سمورن اميدوارن کي چونڊ مهم هلائڻ لاءِ 54 ڏينهن جو وقت ڏنو ويندو آهي.

پنجاب ۾ سياسي اٿل پٿل ان ڪري نه آهي جو اسان جي مقابلي ۾ ڪو به ناهي.

سياسي شخصيتن ۽ پاڪستاني سياست تي گھري نظر رکندڙ ماڻهن موجب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف کي چونڊ عمل ۾ درپيش مشڪلات بھ هڪ سبب آهي،جنھنڪري چونڊن جو جوش ماضي وارو نظر نه اچي رهيو آهي.

پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ عظميٰ بخاري پنجاب ۾ سياسي جوش ۾ گهٽتائي جو وڏو سبب سخت موسم ۽ ”سرد موسم“ کي قرار ڏنو آهي.

عظميٰ بخاري پاڪستان تحريڪ انصاف جي نالو وٺڻ کانسواءِ چونڊ سرگرمين ۾ گهٽتائي جو سبب بيان ڪندي چيو ته ”پنجاب ۾ سياسي ھل چل ان ڪري بھ نه آهي  ڇاڪاڻ جو اسان جي مقابلي ۾ ڪو به ناهي، هڪ ٻي پارٽي آهي جيڪا ميدان تي موجود نھ آھي ۽ سندن اميدوار آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهي رهيا آهن.“

پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڳواڻ قمر زمان ڪائره به عظميٰ بخاري سان متفق نظر اچي رهيو آهي.

قمر زمان ڪائره جو چوڻ ھو تھ ” عمران خان صاحب ڪجهه اهڙا قدم کنيا جنھن ڪري ھن جي جماعت خلاف ڪارروائي شروع ٿي ۽ اهو سڀ ڪجهه هن پاڻ ئي حاصل ڪيو آهي“.

سندس چوڻ آهي ته ”ان سان ھن جو بھ نقصان ٿيو، سياست  جو به نقصان ٿيو ۽ اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي“.

قمر زمان ڪائره جو چوڻ آهي ته سندس جماعت چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي پر پاڪستان مسلم ليگ ن مهم ھاڻي شروع ڪئي آهي، شايد ان ڪري بھ جوش گهٽ نظر اچي رهيو آهي.

واضح رهي ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان سائفر، توشه خانه، القادر ٽرسٽ سميت ٻين ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ هو راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ قيد آهي.

ڪراچي مان انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن ۽ شهر جي هڪ صوبائي اسيمبلي جي تڪ تان آزاد اميدوار جبران ناصر جو چوڻ آهي ته ماڻهن ۾ ’پري پول رگنگ‘ جا خدشا موجود آهن.

اھا ڌانڌلي اهڙي ٿي رهي آهي جنھن سان عوام کي اھا خبر ناهي ته ايندڙ وزيراعظم ڪير هوندو پر اها ڄاڻ آھي تھ ايندڙ وزيراعظم ڪير نه ھوندو.

جبران ناصر جو چوڻ هو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پي ٽي آءِ وٽ ليول پلينگ فيلڊ ناهي ۽ پي ٽي آءِ جو وڪيل، اهو سڀ ڪجهه چيف جسٽس جي سامهون چئي ڇڏيو آهي.

سندس چوڻ هو ته اهو آئيني، قانوني ۽ جمهوري مذاق آهي ته ھڪ پارٽيءَ جا ماڻهو آزاد حيثيت سان ھڪ پارٽيءَ جي منشور تحت چونڊون وڙهندا، پر پارليامينٽ ۾ پهچڻ بعد اھي آزاد ھوندا تھ اھي ڪھڙي بھ جماعت ۾ شامل ٿي وڃن.واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پي ٽي آءِ، جي انٽرا پارٽي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏنو هو، جنهن کانپوءِ پارٽي ان فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو، جتي سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي برقرار رکندي، پي ٽي آءِ جي چونڊ نشان ”بيٽ“ ھن کان ڦريو ويو ھو ۽ پارٽي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان اعلان ڪيو ته هاڻي سندن اميدوار، آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهندا.

تجزيه نگار ضيغم خان جو خيال آهي ته چونڊن ۾ گرمجوشي لاءِ سياسي مقابلو ضروري آهي، پر هن ڀيري سياسي مقابلو ٿيندي نظر نٿو اچي.

هن جو چوڻ آھي تھ سنڌ ۾ ڪراچيءَ  ۽ ٻين شهري علائقن کان سواءِ، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو پاسو ڳرو نظر اچي رھيو آھي.ڪجهه علائقن ۾ ايم ڪيو ايم آهي ۽ ڪجهه علائقن ۾ پيرپاڳارو آهي.

ضيغم خان  موجب ”پنجاب جو صوبو سنڌ کان ٿورو مختلف آهي، ڇو ته هتي هميشه ٻه وڏيون پارٽيون چونڊن ۾ مقابلو ڪنديون رهيون آهن“

”اڳ ۾ اهو  مقابلو پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ ھوندو هو ۽ گذريل ٻن چونڊن ۾ اھو مقابلو پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڏٺو ويو آھي“.

پر، پي ٽي آءِ هن وقت ميدان ۾ موجود ناهي.هاڻي پنجاب ۾ هڪڙو ئي پھلوان آهي، جڏهن برابر جو مقابلو ئي نھ آھي  تھ سياسي سرگرمي ڪيئن نظر ايندي ؟

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ عظميٰ بخاري ۽ جبران ناصر جو چوڻ آهي ته رڳو روڊن تي سرگرميون ڏسي چونڊ سرگرمين جو اندازو  لڳائڻ بھ درست ناهي.

عظميٰ بخاري موجب ”زمانو جديد ٿي ويو آهي ۽ سياسي پارٽيون سوشل ميڊيا سميت ٻين طريقن کي استعمال ڪندي ماڻهن تائين پهچن ٿيون.“

هن وڌيڪ چيو ته ” هن وقت ڪنهن به پارٽي وٽ دستاويزي منشور ناهي پر پاڪستان مسلم ليگ ن 27 جنوري تي منشور وڏي تقريب ۾ پيش ڪندي“.

پاڪستان پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ ٻيون پارٽيون پنھنجن منشورن جو اعلان ڪيو آھي پر بي بي سي آزاداڻي نموني ان جي تصديق نھ  ڪري سگھي .

جبران ناصر جو چوڻ آهي ته ” ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾لازمي نھ تھ  چونڊن جي سلسلي ۾ ڪارنر ميٽنگز گهٽين يا رستن تي ٿين.“” ٿي سگھي ٿو تھ واٽس اپ گروپن ۾ ڪارنر ميٽنگون ٿي رھيون ھجن يا اميدوار ووٽرن تائين پھچڻ لاءِ انسٽاگرام يا سوشل ميڊيا استعمال ڪري رهيا ھجن“.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته سياست ۾ عوام جي عدم دلچسپي بھ ان جو  سبب آهي.ڪجهه ائين لڳي پيو .پر اھو تاثر درست آهي ته اها هڪ وڏي غلطي هوندي، اها ڏکوئيندڙ ڳالهه هوندي ته ماڻهو سياست کان لاتعلق ٿي رهيا آهن.

جبران ناصر کان عوام جي سياست ۾ دلچسپي نه هئڻ بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته هو ڪراچي جي صوبائي تڪ پي ايس 110 تان اميدوار آهي ۽ سندس چونڊ منشور ’سروس ڊليوري‘ آهي.

هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته علائقي جي عوام کي موبائيل فون ايپ ذريعي 24 ڪلاڪن تائين پنهنجي چونڊيل نمائندن تائين رسائي فراهم ڪئي وڃي.

ھن  موجب سياستدانن کي گهرجي ته اھي ٻين کان اڳ پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪن ۽ عوام جي خدمت ذريعي ماڻھن جو اعتماد چونڊن ۽ سياست تي بحال ڪن ۽ اها ذميواري سياستدانن جي آهي.

سياسي تجزيه نگار ضيغم خان جو خيال آهي ته ملڪ ۾ ”سياسي بحران“  آهي ۽ ماڻهو سمجھن ٿا ته سندن ”مسئلا حل نه ٿي رهيا آهن“.

پر هو ان خيال سان متفق نه آهي ته سياسي عمل مان ماڻهن جو اعتماد مڪمل طور ختم ٿي چڪو آهي.

هن چيو ته ”ان سوال جو جواب اليڪشن ۾ ئي ملندو.جيڪڏھن ووٽرن جو ٽرن آئوٽ گھٽ ھوندو تھ چئبو تھ ماڻھن جو اعتماد گھٽيو آھي پر مان نٿو سمجھان تھ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ  ڪيتري حد تائين گھٽ ھوندو“

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.