وفاق سنڌ کي پنهنجو حصو ڇو نٿو سمجهي؟

تحرير: ذوالفقار واھوچو

ڪرپٽ ماڻهن جو اقتدار ۾ اچڻ جا نقصان ڏسو 165 ارب جو منصوبو منظور ٿيو جيڪو 308 ارب تائين لاڳت پهتي، وري رد ٿيو اڄ به ان تي ڪم نه پيو هلي، سکر کان ڪراچي تائين جيڪو وقت لڳي ٿو، اهو سکر کان اسلام آباد تائين پهچڻ ۾ لڳي ٿو، وقت، پيسي ۽ زندگي جو الڳ ضايع آهي، اسان سنڌي ڪڏهن ايماندار، سنڌ دوست، عوام دوست نمائندا چونڊينداسين، رڳو چور ۽ لوفر چونڊي ايوانن ۾ موڪليو ٿا پوءِ پنج سال روئون ۽ رڙون وري ساڳين کي اهو چئي چونڊيون ٿا ته متبادل ناهي، افسوس سڄو قصور اسان جو آهي، اسان جو پڙهيل ساڃاهه وند به مفاهمت جو شڪار آهن.

سي پيڪ منصوبي تحت خيبرپختون خواهه، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ ته روڊ ٺاهيا ويا آهن، پر سنڌ ۾ سي پيڪ جي منصوبي تحت تيار ٿيندڙ ايم 6 رٿا رولڙي جو شڪار آهي، اها رٿا سکر کان حيدر آباد تائين 306 ڪلو ميٽر  6 لائينن تي ٻڌل روڊ ٺهڻو هو، جڏهن ته پشاور کان ڪراچي موٽر وي رٿا پي ڪي ايم  تحت سموريون رٿائون مڪمل ٿي چڪيون آهن، پر سڀ کان اهم رٿا سکر کان حيدرآباد ايم 6 اڄ تائين نامڪمل ۽ رولڙي جو شڪار آهي، ان رٿا جا اربين رپيا زمين جي خريداري جي نالي تي خيرپور. سکر، نوشهروفيروز، نواب شاھ، مٽياري ۽ حيدرآباد جا ڊي سيز ڪرپشن ذريعي کائي چڪا آهن اهي اسڪينڊل اخبارن جي زينت به ٿيا پر معاملو اڄ به اتي جو اتي پيل آهي. پ پ پ جي. سرڪار هئي ان به ان معاملي کي ڪا به سنجيده ڪوشش نه ڪئي، وفاق سان ڪنهن به. قسم جي لک پڙھ نه ڪئي نه ئي ان معاملي تي ايڪنڪ يا وري گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ کنيون ويو، سنڌ وفاق طرفان مسلسل نظر انداز پئي ٿي، وفاق سنڌ مان روينيو، تيل، گئس، بجلي  ۽ معدني وسيلا ته کڻي پيو پر موٽ ۾ ڪمائو پٽ جي جيڪا گهر ۾ عزت ۽ حيثيت هوندي آهي، اها نه پيو ڏي، سنڌ جي ڀيٽ ۾ بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه کي اهيمت ان ڪري وڌيڪ ملي ٿي ته اتان جي سياسي اقتدار يا مخالف ڌر ۾ ويندڙ قيادت ايوانن ۾ پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاري ٿي ۽ صوبن اندر سياسي  قوم پرست قيادت سخت احتجاجي دٻاءُ پيدا ڪري پئي، ڪٿي ڪٿي هٿيار بند ويڙھ به ڪري پئي ان کي ماٺو ڪرڻ لاءِ انهن کي ريجهائڻ لاءِ اتي وفاق پنهنجون ترقياتي رٿائون ۽ خصوصي مالي پيڪيجن جي عنايت به ڪري ٿو پر  سنڌ جيڪا ٽن صوبن، ڪشمير، گلگت تائين لکين ماڻهن جو ٻوجهه به برداشت ڪري پئي ۽ ان جي مالي وسيلن. قدرتي وسيلن، زمينن، پاڻي جي به ڦرلٽ جاري آهي ته ان کي اين ايف سي ايوارڊ سميت ترقياتي رٿائن ۽ وفاقي نوڪرين ۾ به آئيني، قانوني جائز حق وارو حصو به نٿو ڏنو وڃي اهو سڀ ان ڪري آهي ته سنڌ سياسي طور تي نڌڻڪي، لاوارث ۽ وڪري جو وکر بڻيل آهي، گذريل 75 سالن کان اقتدار تي ويٺل وڏيرا، سردار، پير، مير ڪهڙي به پارٽي ۾ هجڻ اهي رڳو پنهجي ذاتي مفادن جو پورائو ڪن ٿا ۽ اسان سنڌي عوام تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ ڪرسي وٺي سڀ حقن ۽ واسطن تان دستبردار ٿي وڃن ٿا اسان به انهن ئي ڀاڙيتو، ويڪائو ماڻهن جي پويان اميدون ۽ آسرا ڪريو پيا هلون.

سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر وزير اعظم کي خط لکي درخواست ڪئي آهي ته سکر کان حيدرآباد تائين ايم 6 روڊ جي تعمير شروع ڪرائي وڃي، هن خط ۾ لکيو آهي ته 2020 ۾ اها رٿا پشاور کان ڪراچي تائين موٽر وي ٺاهڻ جي هئي ان رٿا پشاور کان ڪراچي پي ڪي ايم تحت خيبر پختواھ کان پنجاب تائين ته موٽر وي مڪمل ٿي ويا پر سنڌ ۾ اها رٿا اڄ تائين رولڙي جو شڪار آهي، هن خط ۾ مڪمل تفصيل ڏيندي لکيو آهي ته اها رٿا ايم 6، 306 ڪلو ميٽرن 6 لائينن جي ڪشاده موٽر وي ٺاهڻ جي آهي،ان رٿا تحت سنڌو درياھ تي هڪ مين پل، 14 انٽر چينجز، 6 فلائي اوچينجز پلون به تعمير ٿيڻيون آهن، 19 اوور پاس پل، 76  ڪينال، 154 سب ويز، 137 ڪيٽل ڪريپس، ۽ نيڪاسي جو نظام قائم ڪرڻا آهن، 18باڪس ڪلوريٽس، 624 پائيپ ڪلوريٽس  ۽ ٻنھي پاسي 5×2 سروس ايرياز ٺهڻيون آهن، 6×2 ريسٽ ايريا ۾ 60 ڪلوميٽر سروسز روڊ تعمير ٿيڻا آهن، مين ٽول پلازا، 28 انٽرچينجز ٽول پلازا روڊ فرنيچر سروسز شامل آهن، ان اهم رٿا کي شروع ڪرڻ لاءِ سکر حيدرآباد موٽر وي  کي جولائي 2020 ۾ اي سي اين اي سي  165.678 ارب  لاڳت جي منظوري ڏني، جنهن تي مئي 2021 ۾ 191.471 ارب رپين جي نظر ثاني لاڳت جي منظوري ڏني وئي، ڊسمبر 2022 تي ان رٿا کي پي پي پي موڊ تحت تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن جي لاڳت 308.194 ارب رپيا لاڳت سان بلڊ آپريٽ اينڊ ٽرانسفر فريم ورڪ تي عملدرآمد جي منظوري ڏني  وئي،  هاڻ اين ايڇ اي چونڊيل ڪمپني ٽيڪنو سي ايم سي – اي سي سي ڪنسوريشم سان معاهدو ختم ڪري ڇڏيو آهي، وجهه اها ٻڌائي اٿس ته مقرر وقت ۾ مالياتي معاملن کي هٿ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي.

ان کان اڳ سنڌ جي چونڊيل سرڪار رڳو اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو ته ڪرپٽ ڊي سيز مقرر ڪري انهن کان ايم 6  لاءِ زمين خريد ڪرڻ لاءِ موڪليل رقم ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي، کاتيدارن کي رقمون جاري ڪرڻ بدران ڊي سيز ۽ اي سيز پاڻ ڪڍائي کائي ويا ۽ مٿي سنڌ سرڪار جي اهم عهديدارن  کي حصو پتي ڏئي صوبي جي بدنامي ڪرڻ کان گڏ تيز رفتار ترقي کي روڪيو، نگران وڏي وزير کي جس آهي جنهن وفاقي سرڪار ۽ وزيراعظم کي خط لکي احتجاج ڪيو آهي ته  سنڌ  جي هن اهم رٿا کي ڇو نظرانداز ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ اها رٿا ختم ڪئي وئي آهي. وفاق ۽ ان جي ادارن جو سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ اهو ظاهر ڪري رهيو آهي ته وفاق کي ڪارونجهر جبل، کيرٿل جبل جو پٿر گهرجِي، ٿر جي ڪوئلي مان بجلي به گهرجي. بندرگاهن جي آمدني به گهرجي، ٻيا قدرتي وسيلا، زمين به گهرجي پر ان کي سنڌ جي ترقي جي ڪا لوڙ ناهي، ڇاڪاڻ ته اسان گهر ڀاتي ستل آهيون، پنهجي تقدير جا فيصلا اهڙن لالچي، اڻ ڄاڻ ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيون ٿا جيڪي خانداني طور آزمايل آهن، ته اهي سنڌ ۽ سنڌي عوام جي ترقي لاءِ ڪجهه نه ڪندا، اهي رڳو پنهنجي ڪٽنب جي ترقي لاءِ سڀ ڪجهه ڪندا، انگريز جي دور ۾ به  انهن جي ابن ڏاڏن نه ڪو اسڪول ورتو، نه ڪاليج نه ئي يونيورسٽي تعمير ڪرائي، پنجاب جي سردارن، پيرن. سيدن، چوڌرين، ملڪن انگريزن جي دلالي ته ڪئي پر انهن ان جي بدلي 6  بيئراج ڪالونيون، ڪاليج، يونيورسٽي، زمينون، پرڏيھه ۽ ڏيهھ ۾ روزگار، فوج ۾ پنهنجو حصو ورتو، اسان جي پيرن. سردارن، ڀوتارن ۽ سيدن به انگريزن جي غلامي ڪئي، پير ڌوتا، رڳو پنهنجي لاءِ لقب ورتا، زمينون ورتيون، تمغا ورتا، آزادي جي ويڙھ وڙهندڙ حرن خلاف انگريزن جا ساٿي بڻجي بيٺا حر تحريڪ خلاف اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور ڪرايا، پنهنجن کي لوڙهڻ ۾ واڙايو، مارايو، سنڌ جي 54 لک ايڪڙ زمين ٻين صوبن جي ماڻهن کي الاٽ ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي ان تي ڪنهن به اعتراض نه ڪيو اڄ به نوشهرو فيزو. نواب شاھ. سانگهڙ، بدين، سجاول ضلعا ان جي گواهي ڏين ٿا انهن جا چڪ ٺهيا پيا آهن، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختون خواھ ۾ سنڌين جي ڪا آبادي ۽ لکين ايڪڙ زمين ڏيکاريو ته  اوهان کي سلام ڪجي، ايڏي وڏي ڦرلٽ جو ڪو حساب ڪتاب ئي ناهي، اڄ به اها ڦرلٽ جاري آهي، اسان ساڳئي  نموني خاموش تماشائي بڻيل آهيون.وفاق سنڌ کي پنهنجو حصو سمجهڻ بدران فتح ٿيل علائقو سمجهي ٿو. ان ڪري وفاق جو سنڌ سان نوڪرين، ترقياتي رٿائن، مالي منصوبن ۾ ماءُ ٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.