ڪتي کاهيءَ ۾ ڪريل عورت جي حياتي بچائي ورتي

ڪتن کي انسانن لاءِ سڀ کان وڌيڪ وفادار جانور سمجهيو ويندو آهي ۽ اهي پنهنجي مالڪن جي جان بچائڻ لاءِ ڪجهه به ڪندا.
اهڙو ئي هڪ حيرت انگيز واقعو آمريڪا ۾ پيش آيو جتي هڪ ڪتي پنهنجي مالڪڻ جي حياتي بچائي ورتي جيڪا 150 فوٽ کان به وڌيڪ اونهائي ۾ ڪري پئي.
هڪ 35 سالن جي عورت آمريڪي رياست هونولولو جي شهر هوائي جي ويجهو هڪ ٽڪريءَ تان 150فوٽ هيٺ ڪري پئي.
عورت جي هيٺ ڪرڻ کان پوءِ سندس ڪتي خوف وچان ڀونڪڻ شروع ڪيو ۽ اهو آواز ڀرپاسي جي ماڻهن ٻڌو.
هونولولو فائر ڊپارٽمينٽ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته جابلو ماڻهن جي هڪ گروپ 15 جنوري تي واهه مان ڪتي ڀونڪڻ جو آواز رپورٽ ڪرڻ لاءِ فون ڪيو هو.
ريسڪيو ٽيم اتي پهتي ان ڪتي کي حفاظت سان اتان ڪڍيو.
ان موقعي تي هيليڪاپٽر جي پائلٽ وڌيڪ اونهائي ۾ ڪنهن شيءِ کي ڏٺو.
ان کان پوءِ هيليڪاپٽر کي هيٺ ڪيو ويو ته هڪ ٿيلهو مليو جنهن ۾ سامان ڀريل هو.
امدادي ٽيم ڪتي جي ڳچيءَ موجود ڪالر کي ڏٺو ته ان تي عورت جو نالو ۽ فون نمبر لکيل هو، جنهن تي ڪال ڪئي وئي ڪنهن جواب نه ڏنو.
پوليس عورت جي گھر وڃي کيس ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پر گھر خالي پيل هو.
پر جڏهن عورت جي گاڏي ويجهو ئي پارڪ ٿيل ملي ته وڏي پيماني تي ڳولا شروع ڪئي وئي ۽ جلد عورت کي کاهيءَ ۾ ڳوليو ويو.
امدادي ٽيم پاران عورت جي شڃاڻپ ظاهر نه ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.