ڪنڌڪوٽ: بدنام ڏوهاري هٿيار ڦٽا ڪري گرفتاري ڏئي ڇڏي

ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) رينجرز ۽ پوليس جو ڪچي ۾ گڏيل آپريشن ڪيو جنهن دوران بدنام ڏوهاري هٿيار ڦٽا ڪري گرفتاري ڏئي ڇڏي آهي.

رينجرز جي ترجمان موجب رينجرز جي ايريا ونگ ڪمانڊر ايس ايس پي ڪشمور سان گڏ ڪنڌڪوٽ جي علائقي ڪچا ڀَنڊي کي ڪڙو چاڙهي جاگيراڻي گينگ خلاف ڪارروائي ڪئي.

رينجرز ترجمان موجب آپريشن جي دوران جاگيراڻي گينگ جي سرگرم ميمبر حُمير جاگيراڻي هٿيار ڦٽا ڪري گرفتاري ڏئي ڇڏيو.

ترجمان موجب جوابدار اغوا ۽ قتل جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو، جوابدار کي قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.