چونڊ دنگل: تير ۽ شينهن ۾ اصل مقابلا

اهڙي ريت عملي طور تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ اصل مقابلو ملڪ جي ٻن وڏين جماعتن پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن ۾ ئي ٿي رهيو آهي۽ اهي جماعتون وفاق ۽ صوبن ۾ پنهنجيون حڪومتون ٺاهڻ لاءِ  وڌ ۾ وڌ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون سيٽون کٽڻ لاءِ  زور آزمائي ڪري رهيون آهن. صوبن ۾ موجود ٻيون ننڍيون جماعتون پڻ پنهنجي چونڊ مهم هلائي رهيون آهن ۽ پنهنجي اثر رسوخ ۽ ڪارڪردگي موجب ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ  ڪوشان آهن پر تنهن هوندي به هنن چونڊن ۾ ننڍين جماعتن ۽ آزاد اميدوارن لاءِ  مقابلا ڪرڻ تمام مشڪل نظر اچي رهيا آهن.

ملڪ ۾سڀ کان پهرين چونڊ مهم شروع ڪندڙ جماعت، پاڪستان پيپلز پارٽي يقينن پنهنجي چونڊ سرگرمين ۾ تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي ۽ پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سموري ملڪ ۾ طوفاني دورن ۽ جلسن  سان گڏ پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري طرفان ڪوئيٽا، تربت بعد لاهور ۾ بلاول ڀٽو جي چونڊ تڪ ۾ جلسو ڪرڻ بعد لاهور وارو مرڪز پان سنڀالي ورتو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان ملڪ جي مختلف علائقن جا دورا ڪري چونڊ مهم وارا جلسا ڪرڻ جو پهريون مرحلو سنڌ سميت مڪمل ڪرڻ بعد هاڻي هن پنجاب جو رخ ڪري ورتو آهي ۽ ڏکڻ پنجاب جي سرائيڪي خطي ۾ هڪ ترتيب سان طي ڪيل جلسن وارو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي جنهن جي مڪمل ڪرڻ بعد 21 جنوري تي لاهور ۾ مرڪزي چونڊ جلسو ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن.

ممڪن آهي ته  پاڪستان پيپلز پارتي جي جاري هن چونڊ مهم جو اهو وڏو جلسو مينار پاڪستان لاهور يا ٻئي وڏي جلسي گاهه ناصر باغ ۾ ڪيو وڃي . ان جلسي کي وڏو پاور شو بنائڻ سان ئي پنجاب کي پيپلز پارٽي کي وڌ ۾ وڌ متحرڪ ۽ ڪامياب بڻائي سگهجي ٿو. جڏهن ته ٻئي پاسي مسلم ليگ نواز طرفان عام چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي غائب ٿيڻ بعد سمورو ميدان اڪيلي سر هٿ ڪرڻ ۽ پنجاب جون 141 قومي اسيمبلي جون سيٽون کٽي اڪيلي سر وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت بنائڻ واري سوچ هاڻي پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جي وڌيڪ سرگرم ٿيڻ ڪري هڪ نئين قسم جي مقابلي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيوآهي جنهن ڪري خطري جو احساس ڪندي وڏو شينهن، مسلم ليگ جو سربراهه ميان نواز شريف پاڻ ميدان ۾ نڪري آيو آهي. ميان نواز شريف واري پهرين لاهور واري استقبالي جلسي جي لڳ ڀڳ ٽن مهينن بعد پهريون ڀيرو وڏي شينهن عوام کي پنهنجو ديدار ڪرائڻ وارو سلسلو ضرور شروع ڪيو آهي پر هن ڀيري وڏي شينهن واري تجلي ۽ ڪڙڪاٽ نظر نه اچي رهيا آهن.

ملڪ ۾ جاري عام چونڊن واري مهم جي حوالي سان اسانجي سينئر صحافين، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ٽاڪ شوز ۾ ٿيندڙ تبصرن ۽ تجزيا نگارن جي راءِ موجب ملڪ ۾ تبديل ٿيندڙ سياسي وايو منڊل کي اک ۾ رکيو پيو وڃي. خاص طور تي ملڪ ۾ عوام جي رخ ۽ سرگرمين کي ڏسندي هاڻي پاڪستان پيپلز پارٽي کي مسلم ليگ نواز ۽ ميان نواز شريف لاءِ  وڌندڙ خطري طور ڏسڻ شروع ڪيو ويو آهي. ميڊيا جي سينئر تجزيا نگارن ۽ تبصرا نگارن ۾ هيستائين جي چونڊ مهمن جي امڪاني نتيجن طور پاڪستان پيپلز پارٽي جي گهٽ ۾ گهٽ ٻن صوبن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ حڪومتون ٺهڻ تي اتفاق ڪيو پيو وڃي جڏهن ته خيبر پختونخواه ۽ پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جي هڪ تعداد ۾ ننڍن ۽ وڏن جلسن جي باوجود صورتحال اڃا واضح ٿي نه سگهي آهي.

8 فيبروري تي ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن واري مهم لاءِ   باقي 15 ڏينهن وڃي بچيا آهن ۽ هي اهو ئي وقت هوندو جڏهن انهن ٻن صوبن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز جون چونڊ سرگرميون ۽ جلسا پنهنجي عروج تي پهتل هوندا ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتي بعد ملڪ جو اصل منظرنامو واضح ٿي ويندو ته ملڪ ۾ ۽ صوبن ۾ ڪهڙين جماعتن يا ڌرين جون حڪومتون ٺهڻ واريون آهن.   پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز ۾ ٿيندڙ چونڊن وارن مقابلن ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو طرفان لڳاتار ميان نواز شريف جي سياست ۽ تڪراري سياسي ڪردار تي وڏي پيماني تي ڇوهه ڇنڊيا پيا وڃن  ميان صاحب کي خونخوار شينهن ، عوام جو رت پيئندڙ جانور ۽ مسلم ليگ نواز کي آمرن جي ٿاڦيل جماعت ۽ حڪومتن کي ملڪ لاءِ  هاڃيڪار قرار ڏيڻ کان علاوه مسلم ليگ نواز ۽  پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان کي ملڪ کي تباهي ڏانهن ڌڪيندڙ اڳواڻ قرار ڏنو پيو وڃي.

پر حيرت واري ڳالهه آهي ته مسلم ليگ نواز، ميان نواز شريف، شهباز شريف يا مريم نواز شريف طرفان ان جو ڪوبه جواب نه پيو ڏنو وڃي ۽ پنهنجي بندوقن ۽ توپن جا رخ رڳو عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ڏانهن رکيا پيا وڃن. اهڙي ريت، تحريڪ انصاف جي قيادت طرفان پڻ بلاول ڀٽو زرداري جي الزامن جو ڪوبه جواب نه پيو ڏنو وڃي. انهيءَ  صورتحال مان بلڪل ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته مسلم ليگ نوان پنهنجي پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومتن ۽ سياست  خلاف پنهنجي پراڻن حوالن ۽ ڪارروائين جي نقصانن بعد هاڻي تمام گهڻو احتياط ڪري رهي آهي ۽ هو وفاق ۽ صوبن ۾ پاڪستان پيپلز کي پنهنجي اتحادي طور ڏسي رهي آهي. تنهنڪري پ پ پ ۽ بلاول ڀٽو خلاف اشتعال واري سياست ڪرڻ جي صورت ۾ هنن وٽ ان مقصد لاءِ  ڪي به مضبوط دليل موجود نه آهن پر ان عمل سان سڀ کان وڌيڪ فائدو پيپلز پارٽي کي ئي ٿي سگهي ٿو جو تڪرار ۽ جهيڙو وڌڻ جي صورت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مسلم ليگ نواز جي مقابلي ۾ پي ٽي آءِ جي ووٽرن ۾متبادل طور مقبوليت وڌي سگهي ٿي ۽ اهو به ممڪن آهي ته پي ٽي آءِ جي آزاد ميمبرن جي هڪ وڏي تعداد جي ڪاميابي جي صورت ۾ اهي مسلم ليگ بجاءِ پاڪستان پيپلز پارتي جا اتحادي ٿيڻ وڌيڪ بهتر سمجهي سگهن ٿا جنهن جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي وفاق ۽ صوبن ۾ اڪثريتي يا اتحادي حڪومتون قائم ڪرڻ وارو سرپرائز ڏيڻ يا اهڙو قسم جو ڪو معجزو ڏيکاري سگهي ٿي، جنهن لاءِ  پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اڳ ئي گهڻو مشهور آهن.

ملڪ ۾ عام چونڊن واري هن دور ۾ پاڙيسري ملڪ ايران سان ٿيل تازي تڪرار ۽ حملن جي حوالي سان وڌيل ڇڪتاڻ يقينن ٻنهي پاڙيسري ملڪن لاءِ  درست ناهي. ڇاڪاڻ جو اسانجو ملڪ پنهنجي سياسي ۽ اقتصادي ۽ معاشي بحران مان نڪرڻ لاءِ  ملڪ ۾ مضبوط سياسي حڪومت قائم ڪرڻ واري عبوري دور مان گذري رهيو آهي هن موقعي تي سرحدن تي ڪابه ڇڪتاڻ ۽ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا وڌيڪ خراب ٿيڻ جا اثر سڌو سنئون ملڪ جي چونڊن ۽ جمهوري سرشتي کي ٿي سگهن ٿا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.