بلوچ نياڻي طور اسلام آباد ۾ داخل ٿيل ماهه رنگ ليڊر بڻجي وئي

زرار پيرزادو

¨ ماهه رنگ بلوچ جيڪا بلوچستان  جي نياڻي طور اسلام آباد ۾ داخل ٿي هئي سا هاڻي بلوچستان جي ليڊر بڻجي وئي آهي.

¨ هن پرامن طريقي سان اسلام آباد ۾ بلوچستان جو جيڪو ڪيس رکيو آهي ۽ وڙهيو آهي سو عالمي سطح تائين پذيرائي ماڻي چڪو آهي.

¨ حقيقي معنيٰ ۾ ڏسجي ته ماهه رنگ بلوچستان  جي ڪيس کي فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي.هاڻي بال اسٽيبلشمينٽ جي ڪورٽ ۾ آهي ته اها هن معاملي کي ڪيئن ٿي نبيري.

¨ بظاهر ته ماضي جي تلخ تجربن مان سکڻ جو ڪو امڪان نظر نٿو اچي پر ملڪ جي مفاد ۾ اهو آهي ته ماهه رنگ ٻين عورتن ٻارن جي لڳ ڀڳ ٻن مهينن جي ڌرڻي کي ڏسندي ساڻن ڳالهيون ڪيون وڃن.

¨ ماهه رنگ جي هيءَ جدوجهد ساڳي وقت  اسٽيبلشمينٽ کي پڻ سونهري موقعو ڏئي ٿي ته اها نياڻيءَ هن جي تحريڪ جو احترام ڪري پاڻ کي تاريخ ۾ سرخرو ڪري پر لڳي ٿو ته اُها الٽو ماهه رنگ جي تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ تي پنهنجيون توانايون استعمال ڪري رهي آهي. جنهن سان ماهه رنگ کي وڌيڪ ئي همدرديون پلئه پئجي رهيون آهن.

¨ ماهه رنگ، اسٽيبلشمينٽ کي بلوچن سميت ملڪ جي ننڍن صوبن جي قومن جي حقن کي مڃڻ جو پڻ سونهري موقعو مهيا ڪري رهي آهي.

¨ ان حساب سان ماهه رنگ بلوچ جي هيءَ تحريڪ ڄڻ 1940ع وارو ٺهراءُ هجي ۽ ملڪ جي بنيادي پاليسي اختيار ڪرڻ جو يادگيرو هجي.

¨ هي ڪو انا جو مسئلو ناهي. ”دير آيد درست آيد“ فيصلا به ڪري سگهجن ٿا، بجاءِ ان جي ته هڪ غلط پاليسي جي بچاءُ ۾ مسلسل غلط پاليسيون جوڙيون وڃن.

¨ ماهه رنگ جو هڪ ئي بنيادي مطالبو آهي ته بلوچستان جي لاپتا ماڻهن کي منظر عام تي آندو وڃي. سندن ڪو ڏوهه آهي ته مٿن ڪيس داخل ڪري کين عدالت ۾ صفائي جو موقعو ڏنو وڃي. اهو مطالبو آئين، قانون ۽ عدالت جي بالادستي جو آهي  جيڪو لاقانونيت جي خلاف آهي جنهن سان ڪير به اصولي طور تي اختلاف نٿو ڪري سگهي.

¨ ڪي واقعا تاريخ ۾ ثابت قدمي جو امتحان به بڻجي ويندا آهن. ثابت قدمي جي ان امتحان ۾ رڳو ماهه رنگ ۽ ٻين بلوچ عورتن پاڻ کي داخل ناهي ڪيو پر سڄي ملڪ جي باشعور سياسي ماڻهن کي به ثابت قدمي جي ان امتحان ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ثابت قدمي جي ان امتحان جي تقاضا اها آهي ته ماهه رنگ بلوچ جا هٿ مضبوط ڪيا وڃن، کيس اڪيلو نه ڪيو وڃي. کيس ڪمزور ڪرڻ وارين سازشن جو حصو نه ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.