پاڪستان ۽ ايران جا بلوچ آبادي وارا صوبا بلوچستان (پاڪستان) ۽ سيستان ۽ بلوچستان (ايران) عرصي کان بدامني ۽ وڳوڙ جو شڪار آهن.ماضي ۾ ايران پاڪستان تي الزام مڙهيندو رهيو آهي ته ايران ۾ انتهاپسند سرگرمين ۾ ملوث گروپن جا ٿاڪ پاڪستان جي سرحدي علائقن ۾ موجود آهن.ٻئي پاسي ڪجهه سالن دوران بلوچستان جي مڪران ڊويزن جي ٽن ضلعن ۾ شدت پسندن جون ڪاررواين تي پاڪستان الزام هنيو آهي ته انهن ڪارروائين ۾ ملوث پابندي مڙهيل بلوچ عليحدگي پسند تنظيمن ٿاڪ ايران ۾ موجود آهن.ماضيءَ ۾ ٻنھي ملڪن جي الزامن ۽ سفارتي عملي جي طلبي تائين معاملو رھندو آيو ھو.ھي پهريون ڀيرو آهي ته ٻنهي ملڪن جي سيڪيورٽي فورسز هڪ ٻئي تي حملا ڪيا آهن.ايران اڱاري رات پنجگور ۾ جيش العدل نالي تنظيم جي مبينھ ٺڪاڻن تي حملو ڪيو، جنھن جي 36 ڪلاڪن اندر پاڪستان ايران جي صوبي سيستان و بلوچستان ۾ ڪارروائي ڪئي.
پاڪستان موجب اھو آپريشن بندش پيل تنظيمن، بلوچ لبريشن فرنٽ (بي ايل ايف) ۽ بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) جي ايران ۾ مبينه ٿاڪن تي ڪئي وئي.جڏهن ته ٻنهي بندش پيل تنظيمن ايران ۾ پنهنجي موجودگي جي الزام کي رد ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ايران ۾ عام بلوچ کي نشانو بڻايو آهي.
پاڪستان جي اڳوڻي نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته پرڏيهي آفيس ايراني حڪومت کي پاڪستان مخالف شدت پسندن جي هنڌن ڊوزيئر ڏيندو ۽ انهن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندو رهيو آهي.ٻئي طرف ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ هڪ انٽرويو دوران چيو ته ايراني انتهاپسند تنظيم جيش العدل پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ پناهه ورتي آهي. ان مسئلي تي ڪيترائي ڀيرا پاڪستان جي سيڪيورٽي اختيارين سان ڳالهايو آهي.
پاڪستان ۽ ايران جي سرحد جو تعين انگريزن جي دور ۾،سن 1871ع ۾ انگريز آفيسر گولڊ سمٿ ڪيو ھو.پاڪستان کان اڳ اھا ’گولڊسمٿ لائين‘ سڏبي هئي.پاڪستان ٺهڻ بعد ايران ۽ پاڪ سرحدن ۾ ٿوري تبديلي ٿيڻ سبب گولڊ سمٿ لائين جا ڪيترائي حصا ايراني سرحد ۾ڏانهن هليا ويا، جن ۾ ميرجاوه به شامل هو.پاڪستان ۽ ايران جي سرحد جي ٻنهي پاسن تي بلوچ قبيلن جا ماڻهو رهن ٿا.ٻنهي ملڪن جي بلوچ آبادي وارن علائقن جا علحدگي پسند گروپ ان سرحد کي تسليم نٿا ڪن ۽ اهڙيون تنظيمون پاڪستان ٺهڻ کان وٺي ٻنهي ملڪن ۾ بغاوتون هلائي رهيون آهن.
پاڪستاني عملدارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان سرحد تي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن، جن ۾ ھڪ وڏي حصي تي ڏنل واڙ بھ شامل آهي.بلوچستان جي ضلعن پنجگور،ڪيچ ۽ گوادر ۾ بلوچ قبيلا رھن ٿا،اھي مڪران ڊويزن جو حصو آهن.اهي ٽئي ضلعا،علحدگي پسند تنظيمن جي ڪاررواين سبب متاثر آھن.
ايران الزام هڻندو رھيوآهي تھ، ايران ۾ انتهاپسندي ۾ ملوث، جيش العدل ۽ ڪجهه ٻين تنظيمن جا ٿاڪ پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ موجود آهن پر پاڪستاني اختيارين انهن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ حالتون خراب ٿيڻ کان پوءِ بلوچستان ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي ڪارروائين جا مرڪز بلوچستان جا مرڪزي ۽ اوڀر جا علائقا ھئا، پر 2010ع کانپوءِ ڏکڻ ۾مڪران ڊويزن ۾انھن ڪاررواين ۾اضافو ٿيو.
ڪجهه سڪيورٽي ماهرن موجب بولان، قلات، سبي، ڪوهلو ۽ ڊيرا بگٽي ۽ ڀرپاسي ۾ ڪيل ڪاررواين سبب انهن تنظيمن مڪران کي پنهنجي ڪارروائي جو مرڪز بڻايو.جڏهن تھ ٻيا ماهر ۽ پاڪستاني عملدارن جو موقف آھي ته چين-پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جو مرڪز نه مڪران ڊويزن جو گوادر ضلعو آهي، ملڪ سان ڳنڍڻ جا هاءِ وي به مڪران مان نڪرن ٿا. ان ڪري بندش پيل تنظيمن سي پيڪ منصوبي کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ ڪارروايون مڪران ڊويزن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيون آهن.
ڪجهه علحدگي پسند تنظيمن کان سواءِ،قومپرست پارٽين جي دعويٰ آھي تھ سي پيڪ ’استحصالي رٿا‘ آهي ۽ ان ذريعي بلوچستان جي وسيلن جو استحصال ٿيندو ۽ٻين صوبن مان ماڻهن کي گوادر منتقل ڪري بلوچ آباديءَ کي به اقليت ۾تبديل ڪيو ويندو.پر حڪومتي عملدار انهن الزامن کي رد ڪن ٿا۽ چون ٿا ته سي پيڪ سان بلوچستان جي غربت ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
حڪومتي دعويٰ آھي تھ بلوچستان جا ڪجهه قومپرست عوام کي پسمانده رکڻ چاهين ٿا ۽ ان ڪري سي پيڪ رٿاکي نشانو بڻايو پيو وڃي.اڳوڻي صدر پرويز مشرف ٽن قومپرست اڳواڻن نواب خيربخش مري، نواب اڪبر بگٽي ۽ سردار عطاءُ الله مينگل کي ان جو ذميوار قرار ڏنو.
2010ع کانپوءِ گوادر، ڪيچ ۽ پنجگور ضلعن ۾ وڏا آپريشن ٿيا، جنهن کانپوءِ پاڪستاني اختيارين الزام هنيو ته حملي آور ايران کان آيا هئا ۽ آپريشن کانپوءِ واپس ايران هليا ويا. ان بعد اپريل 2019 ۾ گوادر ۾ بس مان 14 ڄڻن کي لاھي ماريو ويو.جن ۾ اڪثريت نيوي اھلڪارن جي ھئي.جنوري 2023 ۾ پنجگور جي چوگاب،اپريل 2023 ۾ ڪيچ ۽ جون 2023 ۾ سنگوان ۾ فروسز تي حملن جي حوالي سان، آءِ ايس پي آر ، پاران دعويٰ ڪئي وئي تھ اھي حملا ايران جي حدن مان ڪيا ويا.انهن حملن جي ذميواري بندش پيل پي ايل ايف ۽ بي ايل اي قبول ڪندي رھي. پاڪستان ايران سان انھن حملن بابت احتجاج سان گڏ ڪارروائي جو بھ مطالبو ڪندو رھيو.
ايران جو صوبو سيستان و بلوچستان به انتهاپسندي ڪري متاثر آهي پر نوعيت مختلف آهي.اٽڪل 20 سال اڳ جندالله نالي هڪ تنظيم پاران ايران ۾ڪاررواين جي ذميواري قبول ڪئي ويندي هئي.ماضي ۾ ايران الزام مڙهيو ھو تھ جندالله جو سربراهه عبدالمالڪ ريگي بلوچ بلوچستان ۾ رهي ٿو ۽ ايراني اختيارين سندس حوالگي جو مطالبو ڪيو ويندو ھو. ايراني اختيارين بعد ۾ عبدالمالڪ ريگي کي گرفتار ڪري ان کي ڦاھي ڏئي ڇڏي.
عبدالمالڪ ريگي جي موت بعد ايراني علائقن ۾ انتهاپسندي جي ڪاررواين جي ذميواري جيش العدل پاران قبول ڪئي ويندي رھي.ايران جي بلوچ آبادي واري علائقي ۾ سرگرم تنظيمون مذهبي انتهاپسند آهن، پاڪستان جي بلوچستان ۾ ڪم ڪندڙ تنظيمون سيڪيولر ۽ قومپرست آھن.
اڳوڻي گھرو وزير سرفراز بگٽي موجب موجب پاڪستان ۾ ٿيندڙ ڪارروايون اصل ۾ ”انٽيليجنس ڊرون وار“ آھن،جنھن جي قيادت انڊين ڳجھي ايجنسي را ڪري رھي آھي. جيڪي پراڪسيز ھونديون آھن اھي اھڙي ريت جنگ ڪن ٿيون.انھن لاءِ محفوظ ٿاڪ ڳولبا آھن، ڪڏھن افغانستان تھ ڪڏھن ايران ھوندا آھن، هن دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان وٽ ايران ۾ تنظيمن جي موجودگي جا ثبوت موجود آهن، جنهن موجب بي ايل ايف سربراهه ڊاڪٽر الله نذر بلوچ حملي ۾ زخمي ٿيو هو ۽ ايران ۾ علاج ڪرايو ويو هو.
ٻنھي ملڪن پاران ھڪ ٻئي جي سرحدن ۾ شدت پسندن خلاف آپريشن ڪيترو وقت جاري رهندا ۽ ان جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا، اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو، پر انور ساجدي جو چوڻ آهي ته ان سان ٻنهي پاڙيسري ملڪن کي نقصان ٿيندو. انور ساجدي جو چوڻ ھو تھ جيڪڏهن ان کي وسيع تناظر ۾ ڏٺو وڃي ته لڳي ٿو ته وچ اوڀر جي جنگ هاڻي بلوچستان تائين پهچي چڪي آهي.هن چيو ته جيتري قدر نقصان جي ڳالھه ڪجي تھ ٻنهي پاسن تي رهندڙ بلوچن جو ٿيندو.هن چيو ته ان سان بلوچ عوام جي معيشت سميت هر شيءِ تي منفي اثر پوندا.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي ته ان جا اثر خطي ۾ واپار سميت ٻين سرگرمين تي پوندا.
( بي بي سي تان ورتل)