عوام کي ووٽ جي حق کان محروم نھ ڪريو

ملڪ ۾عام چونڊن جون تياريون آخري مرحلي ۾ پھچي ويون آھن،پر ھن وقت بھ ھڪ عام تاثر اھو اڀري رھيو آھي، عام ماڻھوءَ کي پنھنجي نمائندن چونڊن جي آزدي نھ ملي آھي. اھو تاثر ھاڻي ملڪ کان ٻاھرين ميڊيا ۾ بھ بحث ۾ اچي رھيو آھي.جنھن جو مطلب اھو نڪري ٿو تھ ڪجهھ قوتون ملڪ ۾ عام چونڊن تي مڪمل اثرانداز ٿي رھيون آھن.جنھن جو مجموعي طور تي ڪنھن بھ سطح تي جو بھتر اثر نھ پوندو.

ملڪ ۾ في ماڻھو في ووٽ واريون ھي ٻارھيون چونڊون آھن،اھو سلسلو ملڪ ۾ 1970 وارين عام چونڊن سان شروع ٿيو ھو، نھ تھ ان کان اڳ چونڊن ۾ رڳو اھي ماڻھون شريڪ ٿي سگھندا ھئا،جيڪي پڙھيل لکيل ھوندا ھئا يا وري ٽيڪس ادا ڪندڙ يا ڪنھن جائيداد جا مالڪ ھوندا ھئا. ھڪ نظريو اھيو بھ آھي تھ جڏھن سماج جاگيرداري کان سرمائيندار جي سسٽم ۾ داخل ٿيو تڏھن اھو عام چونڊن جو اثر وڌيو ھو.جنھن موجب ان وقت جو ماڻھون جاگيردارن ۽ زميندارن جي ڪنٽرول کان نڪري ڪري ھڪ اھڙي سماج ۾ پھتو ھو،جتي ھو پنھنجو پورھيو ڪري پاڻ ئي پنھنجي سوچ. سمجھھ ۽ فڪر جو مالڪ ھو.پر اسان جھڙي ٽين دنيا جي ملڪن ۾نظام بھتر نموني اڳيان نھ وڌي سگھيو ھو.

ھن وقت بھ جيتوڻيڪ نالي ۾ ملڪ ۾ جھوريت ھوندي آھي پر جئين تھ ملڪ جي مٿان وڏي عرصي تائين غيرجمھوري قوتن جو قبضو رھيو آھي ان ڪري جمھوري روايتون گھڻيون پڪيون پختيون نھ ٿي سگھيون آھن،اھو ئي سبب آھي جو ماڻھن ۾ اھڙو جمھوري شعور اڀري ۽نسري نھ سگھيو آھي. ملڪ ۾ ھن وقت بھ اھو تاثر آھي تھ پسند نھ ايندڙ جماعتن کي خاص قوتون اڳيان اچن نٿيون ڏين،جنھن ڪري ملڪ ۾ شايد ھي پھريون ڀيرو ھجي جو چونڊن جي اميدوارن جا نامزدگيءَ ڪاغذ ايتري انگ ۾ رد ٿي ويا ھجن.

پاڪستان ۾ انساني حق جي ڪميشن (ايڇ آر سي پي) تحريڪ انصاف کان ”بيٽ“ جي چونڊ نشان واپس وٺڻ واري فيصلي کي ووٽرن جي حق تلفي قرار ڏيندي   چيو آهي تھ "پي ٽي آءِ کان پنهنجي پسند جي چونڊ نشان واپس وٺڻ جي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي سخت تحفظات آهن.“ جاري ڪيل ھڪ بيان ۾ ايچ آر سي پي، ماضيءَ جو حوالو ڏيندي چيو ته 1988ع ۾ بينظير ڀٽو جي درخواست ۾ سپريم ڪورٽ پاڻ چيو ھو ته ڪنهن سياسي پارٽي جي بنيادي حقن ۾ مداخلت شهرين جي حقن ۾ مداخلت جي برابر آهي، جنهن جي اها نمائندگي ڪري ٿي، خاص ڪري آرٽيڪل 17 ۾ جماعت سازي جي آزادي جي ضمانت ڏني وئي آهي.

ايڇ آر سي پي وڌيڪ چيو ته هڪ سياسي پارٽي کي ان جي چونڊ نشان کان محروم ڪرڻ سان نه رڳو اها اليڪشن ۾ آزاديءَ سان حصو نه وٺي سگهندي پر ان جا ووٽر به حق پرستيءَ کان محروم ٿي ويندا. جيڪي پنهنجا نمائندا چونڊڻ لاءِ چونڊ نشانن تي ڀاڙين ٿا. ايڇ آر سي پي موجب ”هڪ سياسي پارٽيءَ کي ان جي چونڊ نشان کان محروم ڪرڻ سان نه رڳو ان کي چونڊن ۾ آزاديءَ سان حصو وٺڻ کان روڪيو ويندو، پر ان جي ووٽرن کي به محروم ڪري ڇڏيندو، جيڪي پنهنجي نمائندن کي چونڊڻ لاءِ چونڊ نشان استعمال ڪندا آهن.

ملڪ جي اختيارين توڙي سمورن اسٽيڪ ھولڊرز جي لاءِ اھو ضروري آھي تھ ان ڳالھھ کي يقيني بڻايو وڃي تھ ڪنھن بھ جماعت جي بھاني عوام کي ووٽن ڏيڻ جي حق کان محروم نھ ڪيو وڃي، جئين مستقبل ۾ جمھوريت جو ٻوٽو اسري سگھي ۽ ملڪ ۾ جمھوري قوتون سگھاريون ٿي سگھن.

  • مزاحمت تي ڦورن ھٿان قتل سبب عوام غيرمحفوظ بڻيل

سنڌ ۾ بدامني تھ اڳي ئي ھئي ھاڻي وري سنگين ڏوھ وڌي ويا آھن.سنڌ جي ھر شھر ۾ رواجي چورين چڪارين سان گڏ ھلڪيون ڦرون جاري ھيون پر ھاڻي ڏوھاري،ڦورو ماڻھون ماريندي بھ دير نٿا ڪن.اھڙي خطرناڪ لاڙي عوام جي اندر ھڪ خوف پئدا ڪري ڇڏيو آھي.وقت گذرڻ سان گڏ اھڙي نوعيت جي منظم ڏوھن ۾ اضافي ٿيڻ سان ان جا طريقا بھ بدلجي ويا آھن.رائج قانون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا رسمي ڪارروائي ڪري ڪاغذن جو پيٽ تھ ڀري رھيا آھن پر انھن ادارن جي اھڙي ڪا بھ ڪارڪردگيءَ نھ آھي،جنھن کي معاشري ۾ ڪا ڪيفيتي يا مقداري تبديلي آئي ھجي يا ان جو ڪو امڪان نظر ايندو ھجي.جنھن ڪري ھاڻي ڏوھارين ۽ ڦورن کي ھٿي ملي وئي آھي، اھي ڦر ڪندڙ واردات دوران تشدد ڪرڻ يا قتل کان بھ نٿا مڙن.

تازو اھڙو ھڪ واقعو ضلعي  ٺٽي ضلعي جي ور شَھر ويجهو پيش آيو آھي.جنھن ۾ڦورن مزاحمت ڪرڻ تي سوزوڪي ڊرائيور کي قتل ڪري ڇڏيو آھي.ڪراچي کان واپس ڳوٺ ويندڙ سوزوڪي  ڊرائيور کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو.مقتول جي ڀاءُ خادم جاڙو، ٻڌايو  ته ور شھر لڳ ڳوٺ حاجي قادر بخش جاڙو جو رھواسي سندس ڀاءُ 28 سالن جو  روشن علي ولد علي محمد جاڙو،ڪراچي ۾ ڪڪڙيون کپائي ڳوٺ اچي رهيو هو ته اھو واقعو ٿيو.پوليس  وارثن سان گڏ لاش ور اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.رپورٽ ۾ نوجوان جو موت گولين سبب ٿيڻ جي تصديق ٿي آھي.

اھڙي قسم جي واقعن جي ڪري مجموعي طور تي سماج ۾ ھڪ خوف جي لھر پئدا ٿي رھي آھي.جنھن سان عوام پاڻ کي غيرمحفوظ سمجھي رھي آھي.وس وارن کي اھڙن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ عملي قدم کڻڻ جي گھرج آھي.جنھن حساب سان ڏوھ ۽ ڏوھن جي نوعيت وڌي ۽ تبديل ٿي رھي آھي، اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي بھ ان موجب تيار ڪرڻ جي ضرورت آھي.

عام ماڻھن جي جان مال ۽ عزت جو تحفظ قانوني ۽ آئيني طور تھ وقت جي حڪومت جو ڪم ھوندو آھي پر اھي سموريون ڳالھيون ھاڻي رواجي ۽ رسمي لڳن ٿيون،جنھن ڪري عوام ۽ حڪمرانن وچ ۾ وڏي وڇوٽي پئدا ٿي رھي آھي.جنھن ڪري مجموعي طور تي سماجي توازن ۾بگاڙ پئدا ٿيڻ جو خطرو وڌي  ويو آھي.

ٻئي پاسي اھڙن واقعن جي ڪري ماڻھن جي معمول واري زندگيءَ پڻ متاثر ٿي رھي آھي،سنڌ جي وڏي وزير، سنڌ جي چيف جسٽس ۽ گورنر سنڌ کي اھڙي بدامني کي روڪڻ جي لاءِ ترت حڪم جاري ڪندي عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ گھرجي.جئين عوام سک جو ساھ کڻي سگھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.