ملڪ ۾ عام چونڊن 8 فيبروري 2024ع تي اليڪشن ڪميشن ۽ قائم مقام وفاقي حڪمران طرفان اعلانيل آهي. سڄي ملڪ جيان ڪراچي جي اهم ضلعي ملير ۾ به چونڊ چهچٽو جاري آهي، چونڊ اميدوارن جون سرگرميون ريلين، ڪارنر گڏجاڻين ۽ پنهنجي چونڊ آفيسون قائم ڪيو ويون آهن جتي سياسي ورڪر ۽ عام ماڻهن جي گهما گهمي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پارٽي جهنڊن، بينرن، پينافليڪس ۽ چاڪنگ ذريعي عوام جي توجهه جو مرڪز بڻيل آهن. ملير جي ٽن قومي حلقن اين اي 229، 230 ۽ 231 جڏهن ته صوبائي تڪ پي ايس 84، 85، 86، 87، 88 ۽ 89 تي اميدوارن جون حتمي لسٽون اليڪشن ڪميشن پاران مقرر ڪيل رٽرننگ آفيسرن پاران جاري ڪيون ويون آهن، اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل لسٽن مطابق قومي اسيمبلي جي ملير جي ٽن تڪن تي سياسي ۽ آزاد اميدوارن جو انگ 66 جڏهن ته صوبائي جي ملير جي ڇهن تڪن تي سياسي ۽ آزاد اميدوارن جو انگ 157 اميدوار ميدان تي لٿل آهن جن کي چونڊ نشان اليڪشن پاران ڪميشن پاران جاري ڪيو ويو آهي.
ماضي ۾ ملير جي ٽن قومي اسيمبلي ۽ پنجن صوبائي حلقن تي مڪمل سمورن تڪن تي پاڪستان پيپلزپارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيا هئا جن پنهنجي تڪن ۾ ترقياتي ڪمن ۽ پنهنجن کي نوازڻ لاءِ خاص ڪري صوبائي سطح تي نوڪريون ڏنيون جن جا انگ اکر اڄ ڏينهن تائين عوام آڏو اميدوارن نروار نه ڪيا. جڏهن ته ضلع ڪائونسل ڪراچي ۽ ملير ٽائون جيڪي مڪمل طرح پيپلزپارٽي جي اقتدار هيٺ هئا تن ۾ به نوڪريون فقط پنهنجن کي نوازڻ واري پاليسي تحت ورهايون ويون اها خبر تڏهن پئي جڏهن گڏاپ، ملير، ابراهيم حيدري ٽائونن جي صورت ۾ نئين حلقه بندي بعد سامهون تن جي چيئرمينن پاران وڏي واقعي چيو پيو وڃي ته نوڪريون ايتريون ته ڏنيون ويون جو اسان جي بجيٽ جو 65 سيڪڙو انهن جي پگهار ۾ وڃي پيو. بهرحال هن عمل جي جاچ ٿيڻ کپي جيڪا عام ماڻهو تائين ان جي نتيجا سامهون اچن.
چونڊن جي سلسلي ۾ خاص طور تي سياسي پارٽين جا اميدوار پراڻين تعزيتن ۽ شادين مرادين تي گهڻائي ۾ نظر اچن ٿا جڏهن ته عوام پاران پاڙن کان وٺي يوسي سطح تي پنهنجا اتحاد جوڙيا آهن جن سان اميدوارن جون صبح شام گڏجاڻين لاءِ چڪر جو سلسلو جاري آهي. آئي ڏينهن اميدوارن جي سرگرمين ۾ سياسي حريفن کي هڪٻئي کي پويان ڇڏڻ لاءِ ڪڏهن موٽر سائيڪل ريليون ته ڪڏهن قيمتي گاڏين جون ريليون روز جي معمول ۾ اضافي جو سبب بڻيل آهن. اميدوار وڏين وڏين گاڏين ۾ پنهنجا نجي سيڪيورٽي گارڊ کڻي عوام تي تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اهي طاقتور ۽ مضبوط آهن.
پر هتي اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته عام ووٽر اڃا هن سرگرمين کان لاتعلق آهي ۽ هوءَ بجلي، گيس، تيل ۽ روزمره جي مهانگائي جي پڃري ۾ قيد آهي جنهن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ اميدوارن وارن وٽ ڪو خاص منشور يا پروگرام ناهي. اميدوار اهڙن پارٽي ورڪرن سميت عام ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ اليڪشني ورڪرن جي گهيري ۾ آهي جيڪي انهن کي قومي ۽ خاص طور تي چونڊ مهم لاءِ تيار ڪرايل نغمن، گيتن ۽ ايڪو سائونڊن تي جهمريون، نعرا ۽ هُلربازي جو سلسلو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پر اصل هتي صورتحال اها آهي ته ماضي جي اقتداري ڌر پاران عام ماڻهو ڪنهن به طرح مطمئن نه آهي ته ڪو ايندڙ وقت ۾ عوام کي رليف ملندو.
هاڻي هتي عوام کي ئي فيصلو ڪرڻو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ هوءَ پنهنجي بنيادي مسئلن سميت علائقي جي ترقي لاءِ پنهنجو ووٽ جو ڪهڙي انداز ۾ استعمال ٿو ڪري پر ايندڙ وقت ملير لاءِ ڪيئن ثابت ٿيندو تنهن جي پرک 8 فيبروري کان پوءِ ئي پوندي.