ڪشمور جي ڪچي ۾ پوليس جو آپريشن، 10 شڪي گرفتار

ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور جي گيھلپور ڪچي ۾ پوليس آپريشن دوران 10 شڪي ماڻهون گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري  ڇڏيو، ڪشمور جي ڪچي واري علائقي ۾ ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي جي اڳواڻي ۾ 6 ھين ڏينهن به پوليس آپريشن ڪيو ويو، پوليس ۽ رينجرس جي گڏيل سرچ آپريشن دوران 10 شڪي ماڻهو گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيا ويا. گرفتار ڪيل شڪي ماڻهن کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، ڪشمور جي ملڪ لاڙي واري علائقي مان پنج ڏينهن اڳ ڏوهارين 8 ٽرڪ ڊرائيورن کي اغوا ڪيو هو جنهن بعد شر گينگ جي ڏوهارين خلاف ڪشمور جي ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرس طرفان آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.