لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن لاءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي اميدوارن کي تحريڪ انصاف نظرياتي جون ٽڪيٽون جاري ڪري ڇڏيون.
گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ پنهنجي اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو هو.
پر اڄ پي ٽي آءِ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي اميدوارن کي تحريڪ انصاف نظرياتي جون ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون.
پي ٽي آءِ جي پڌرائيءَ موجب سمورا اميدوار تحريڪ انصاف نظرياتي جون ٽڪيٽون آر اوز ۽ ڊي آر اوز جي آفيسن ۾ جمع ڪرائين.
هوڏانهن نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ نظرياتي جي چيئرمين اختر اقبال ڊار چيو ته پي ٽي آءِ جي موجوده ٽيم ۾ سڀ ڪرپٽ آهن، انهن سان نٿو ڳالهائي سگهان، پي ٽي آءِ باني جي حوالي سان ڪجهه نٿو چوڻ چاهيان پر اهي سڀ ڪرپٽ آهن.
هن چيو ته بئريسٽر گوهر جهڙو ڪرپٽ ۽ ٻه نمبر ماڻهو پارٽي تي قابض آهي، ان سان نٿو ڳالهائي سگهان.
You might also like