لاهور (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ماڊل ٽائون سانحي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته واقعي جي ذميوارن کي سزا ڏني وڃي. بلاول ڀٽو زرداري لاهور ۾ منهاج القرآن جي مرڪزي سيڪريٽريٽ پهتو ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ گڏجي جدوجهد تي اتفاق ڪيو. پاڪستان عوامي تحريڪ جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته اسان پاڪستان کي جديد رياست بڻائڻ چاهيون ٿا، عوام جي سهولت لاءِ قدم کڻنداسين. هن چيو ته جيڪڏهن ميان صاحب وزيراعظم ٿيو ته هو ماضي کي ڏسي عوام کي نقصان پهچائيندو ۽ سندس سياسي ايجنڊا انتقام هوندو، ان ڪري مسلم ليگ (ن) سان ٻيهر اتحاد پيپلز پارٽي لاءِ شرم جوڳو هوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ماضي ۾ ذاتي دشمني ۽ انا جي سياست ڪئي وئي، اسان اهڙي حڪومت چاهيون ٿا جيڪا مخالفن جي پويان نه پوي، نفرت ۽ ورهائڻ جي سياست ختم ڪنداسين. هن چيو ته ماڊل ٽائون سانحي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ واقعي جي ذميوارن کي سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جي پهرين ترجيح عوام جي ڀلائي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته عوام جا مسئلا نه وڌن.