ڪارپوريٽ فارمنگ رٿا رد، سنڌ آبادگار اتحاد پاران ڪڻڪ جو امدادي اگهه 5 هزار رپيا مڻ مقرر ڪرڻ جي گهر

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ آبادگار اتحاد جي مرڪزي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس صدر نواب زبير احمد ٽالپر جي صدارت ۾ ڪمبوھ فارم شيخ ڀرڪيو ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو تھ ڀاڻ ۽ ٻين شين ۾ مھانگائي  کي نظر ۾ رکندي ڪڻڪ جو امدادي اگھه في مڻ 5000 مقرر ڪيو وڃي. اجلاس ۾ اي سي سي پاران ڀاڻ جي قيمت ۾ اضافي کي سختي سان رد ڪندي مطالبو ڪيو ويو آھي تھ ڀاڻ جون قيمتون گھٽايون وڃن، ڇاڪاڻ تھ اڳ ئي سنڌ جي آبادگارن کي ڀاڻ نھ پيو ملي، سنڌ ۾ ڀاڻ جي بليڪ مارڪٽنگ ۽ ذخيره اندوزي عروج تي آھي، مٿان وري ڀاڻ جي قيمت ۾ اضافو قطعي قبول ناھي، ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ کي ختم ڪيو وڃي، امپورٽ ڪيل يوريا مان سنڌ کي ھڪ ٻوري بھ ناھي ڏني وئي آھي، ان عمل جي پڻ مذمت ڪجي ٿي ۽ مطالبو ڪيون ٿا تھ سنڌ کي امپورٽ يوريا مان ڪوٽا اولين بنيادن تي ڏني وڃي، امپورٽ يوريا آبادگارن جي نالي ۾ بااثرن کي ڏنو ويو آھي ۽ وڏي انگ ۾ پنجاب منتقل ڪيو ويو آھي. سنڌ آبادگار اتحاد ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي کي پڻ اڪثريت راءِ سان رد ڪري ڇڏيو آھي، اجلاس ۾ ڀاڻ جي کوٽ تي سنڌ آبادگار اتحاد پاران احتجاج ڪرڻ تي خيرپور جي صدر جمال محمود کھڙو ۽ ٻين آبادگارن تي دھشتگردي جا ڪيس داخل ڪرڻ تي سخت مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ويو تھ آبادگارن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ جو نوٽيس وٺي ڪيس ختم ڪرائي ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ نارا ڪئنال ۽ روھڙي ڪئنال جي ڪمانڊ ايريا نصير سب ڊويزن ۾ پاڻي جي کوٽ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو ويو تھ نارا ۽ روھڙي جي ڪمانڊ ايريا ۾ ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري آبادگارن کي سخت پريشان ڪيو پيو وڃي، جنھن سبب ڪڻڪ جو فصل سخت متاثر ٿي رھيو آھي، جنھن جا ملڪ خاص طور تي سنڌ تي ناڪاري اثر پوندا ۽ خوراڪ جي کوٽ ٿيندي. سنڌ آبادگار اتحاد پاران واھن ۽ شاخن جي کاٽي ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جو انڪشاف ڪندي چيو ويو آھي تھ کاٽي جي نالي ۾ مشين ۽ تيل جا پئسا آبادگارن کان ورتا پيا وڃن ۽ آبپاشي کاتي جا آفيسر خرچي پڻ طلب ڪري رھيا آھن، جنھن جي جيتري مذمت ڪجي اھا گھٽ آھي. سنڌ آبادگار اتحاد پاران چيف انجنيئر سکر بئراج جي معطلي تي خدشا ڏيکاريندي چيو ويو آھي تھ ٻن مھينن لاءِ چيف انجنيئر جي معطلي ڪافي سوال اٿاري ٿي. اجلاس ۾ نواب زبير احمد ٽالپر، محمد انوار ڪمبوھھ، جاويد رياض، شريف نظاماڻي، مير صوبدار ٽالپر، مير ظفرالله ٽالپر، محب علي مري، عبدالرزاق ابڙيجو، حاجي عبدالرحيم درس، سيف الله گل، مير مشتاق ٽالپر ۽ ٻين آبادگار پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.17

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.