پولنگ اسٽيشنن جي حتمي فهرستن ۾ دير تي خدشا، پ پ جو اليڪشن ڪميشن کي خط

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي پولنگ اسٽيشنن جي حتمي فهرستن جي اشاعت ۾ دير تي چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل سينيٽر تاج حيدر چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي هر تڪ جي پولنگ اسٽيشنن جي لسٽ پولنگ واري ڏينهن کان 30 ڏينهن اڳ ڪميشن جي ويب سائيٽ تي شايع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته اليڪشن ايڪٽ موجب هر تڪ جي پولنگ اسٽيشنن جي حتمي فهرستون اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي گهٽ ۾ گهٽ 30 ڏينهن اڳ پوسٽ ٿيڻ گهرجن، پر اليڪشن ڪميشن جي 6 جنوري 2024ع جي اعلان ۾ ان تي اعتراض يا تجويزون ڏنيون وڃن. ابتدائي پولنگ اسٽيشنن جي لسٽن جي ٻڌڻي ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو. هنن چيو ته پولنگ اسٽيشنن تي اعتراضن لاءِ گهٽ وقت ڏنو ويو آهي ۽ ان حوالي سان عام ماڻهن کي صحيح نموني پڌرو نه ڪيو ويو آهي ۽ پولنگ اسٽيشنن جي حتمي فهرستن جي پڌرائي جو وقت پولنگ واري ڏينهن کان 30 ڏينهن بدران گهٽائي 15 ڏينهن ڪيو ويو آهي.

استعيفيٰ ڏيندڙ ججن جو احتساب ٿيڻ گهرجي: نواز ليگ

لاهور(م ڊ)ن ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته سپريم جڊيشل ڪائونسل استعيفيٰ نه پر احتساب جو مطالبو ڪيو هو،مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم اورنگزيب  سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر نقوي ۽ جسٽس اعجاز الاحسن جي استعيفيٰ تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي،لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته  جيڪي سمجهن ٿا ته استعيفيٰ ڏيڻ سان جان ڇٽي ويندي، ائين ناهي، احتساب اڄ کان شروع ٿيندو، استعيفيٰ قبول ڪرڻ جي باوجود انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، ڪابه معافي نه ملندي

ڪراچي ۾ عمارت اندر سلينڊر ڌماڪو، 3 ڄڻا زخمي

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ لياري جي علائقي کڏا مارڪيٽ ۾ اقصي مسجد ڀرسان رھائشي عمارت ۾ سلينڊر جي ڌماڪي ۾ ڪيترائي ماڻھو زخمي ٿي پيا. اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيم پھچي زخمين کي سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ منتقل ڪيو. جتي زخمين جي سڃاڻپ 35  ورھين جي سليم ولد موسيٰ، 12 ورهين جي نفيسا ڌيءُ موسي ۽ حميدا زال موسيٰ جي نالن سان ٿي آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.