فيصل آباد(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اشرافيه جي غريب دشمن سياسي جماعتن کي پنجاب ۽ ملڪ تي مڙهيو ويو، سمورين سياسي پارٽين جو مقابلو ڪري ڏيکارينداسين، فيصل آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪو جيل مان نڪرڻ ۽ ڪو جيل کان بچڻ لاءِ اليڪشن وڙهي رهيو آهي، اهي ماڻهو اليڪشن وڙهي ذاتي مسئلا حل ڪرڻ چاهين ٿا، هن چيو ته عوام سان واعدو آهي ته پ پ کي موقعو مليو ته پگهار ۽ آمدني ٻيڻي ڪنداسين، 30 لک گهر بڻائي ڏينداسين، ڪچين آبادين کي ريگيولرائز ڪنداسين،هارين کي مالي مدد ۽ انشورنس به ڏيارينداسين، هن چيو ته پنجاب جا سياستدان بيمار ٿيڻ تي لنڊن هليا ويندا آهن، اسان جي حڪومت بڻي ته هتي اسپتالون بڻائينداسين ته جيئن انهن سياستدانن کي لنڊن نه وڃڻو پوي