خواجا آصف پاران فيض آباد ڌرڻي ڪميشن جي ڪارروائي اوپن ڪرڻ جو مطالبو

لاهور (م ڊ ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف فيض آباد ڌرڻي ڪميشن جي ڪارروائي اوپڻ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پنهنجي هڪ بيان ۾ خواجا آصف چيو ته مان فيض آباد ڌرڻي ڪميشن ۾ پيش ٿيس، بيان مڪمل نه ٿيو، جلد مڪمل ٿي ويندو. خواجا آصف چيو ته منهنجي راءِ آهي ته ڪميشن جي ڪارروائي کليل هئڻ گهرجي، ميڊيا ڪوريج هجڻ گهرجي، عوام کي خبر هجڻ گهرجي ته 75 سالن ۾ ملڪ سان ڇا ڪيو ويو آهي. ن ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ قائم ڪيل سمورين ڪميشنن جو ڪو به نتيجو ناهي نڪتو، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجن گناهن کي منهن ڏيون ۽ ڪفارو ادا ڪريون. خواجه آصف چيو ته جيڪڏهن 2014 جو ڌرڻو نه ڪرايو وڃي ها، فيض آباد ڌرڻي جا انتظام نه ڪيا وڃن ها، ته 9 مئي جو سانحو پيش نه اچي ها. رياست مخالف قوتن جي سرپرستي ايتري وئي جو انهن رياست جي ڳچيءَ ۾ هٿ وڌا، رياست مخالف قوتن رياست جي بنياد کي چيلينج ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.