سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس اعجاز الاحسن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ مان ٻن ڏينهن اندر ٻن ججن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، جسٽس مظاهر نقوي کان پوءِ جسٽس اعجاز الاحسن به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. جسٽس اعجاز الاحسن سپريم ڪورٽ جي   سينارٽي ۾ ٽيون سينيئر ترين جج هو، موجوده چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي رٽائرمينٽ کانپوءِ هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ کيس ملڪ جو ايندڙ چيف جسٽس بڻجڻو هو. جسٽس اعجاز الاحسن ٻه ڏينهن اڳ اڳوڻي جسٽس مظاهر نقوي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي سان اختلاف ڪيو هو. جسٽس اعجاز الاحسن سپريم جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت به نه ڪئي هئي. هن پنهنجي استعيفيٰ صدر ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. جسٽس اعجاز الاحسن استعيفيٰ جو ڪو سبب نه ٻڌايو، پر لکيو ته مان سپريم ڪورٽ ۾ جج طور ڪم جاري رکڻ نٿو چاهيان. هن لکيو ته مان لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ڊيوٽي ڪئي. مان وڌيڪ ڪم جاري رکڻ نٿو چاهيان. مان سپريم ڪورٽ جي جج جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان. هن لکيو ته مان لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ڊيوٽي ڪئي. مان وڌيڪ ڪم جاري رکڻ نٿو چاهيان. مان سپريم ڪورٽ جي جج جي حيثيت سان عهدي تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان.  جسٽس سردار طارق مسعود ۽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سينيئر هئا. هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي رٽائرمينٽ کانپوءِ جسٽس اعجاز الاحسن کي چيف جسٽس آف پاڪستان ٿيڻو هو پر سندس استعيفيٰ کانپوءِ جسٽس منصور علي شاهه سپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.