گهوٽڪي ۾ بدامني ، ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا اغوا، واقعي خلاف وارثن جو ڌرڻو

گهوٽڪي (رپورٽ عرفان علي سومرو)گهوٽڪي ۾ بدامني تي ٻنجو نه آيو، هڪ ڀيرو ٻيهر ڏوهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ بادل مگسي ۾ هٿياربندن پورهيت شهزادو مگسي  جي گهر ۾ گهڙي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي مارڪٽ بعد شهزادو مگسي ۽ ٻن سڳن ڀائرن 11 ورهين جي نينگر غلام حسين مگسي ۽ 9 ورهين جي انتظار مگسي سميت ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا. واقعي بعد بهارو مگسي بي سيڪشن ٿاڻي تي ٽن ڄڻن جي اغوا جي رپورٽ داخل ڪرائي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته اغوا واقعي جو اطلاع مليو آهي، جاچ ڪيون پيا. هوڏانهن واقعي بعد علائقي ۾ خوف واري صورت حال ڇائجي وئي آهي جڏهن ته مغوين جي بازيابي لاءِ وارثن فاروق احمد مگسي، ارشاد مگسي، دلدار احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته هٿياربند اسان جي ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا آهن پر پوليس رپورٽ داخل ڪرڻ کان سوا ڪجهه ناهي ڪيو. مظاهرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان نوٽيس وٺي مغوين کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.