سيڪيورٽي معاملن جي ڄاڻ آهي پر چونڊ 8 فيبروري تي ئي ٿيندي: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد(م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جو چوڻ آهي ته حڪومت کي سيڪيورٽي مسئلن جي خبر آهي جنهن کي حل  ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن پر چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون. اليڪشن 2024 بابت سيمينار کي خطاب ڪندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن کي چونڊون ڪرائڻيون آهن، اليڪشن ڪميشن کي سهولتون فراهم ڪرڻ نگران حڪومت جي ذميواري آهي.  نگران حڪومت اليڪشن ڪميشن سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ملڪي معيشت، معيشت جي بهتري وقت جي ضرورت آهي، سياست ملڪي معيشت ۽ معيشت جو محور آهي، اسان پنهنجي تمام گهڻي ضرورت قرضن تي هلائي آهي. سياسي پارٽيون معاشي معاملا سڌارڻ ۽ قرضن جي کڏ مان نڪرڻ جو منشور ڏين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.