آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 70 ڪروڙ ڊالرن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان لاءِ 70 ڪروڙ ڊالرن جي قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. آءِ ايم ايف  جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو واشنگٽن ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان کي قرض جي ايندڙ قسط جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ناڻي واري وفاقي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان لاءِ 70 ڪروڙ ڊالرز جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي واري وزارت موجب اسٽينڊنگ معاهدي تحت پاڪستان کي 1 ارب 90 ڪروڙ ڊالر جاري ٿي چڪا آهن. ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان کي 70 ڪروڙ ڊالر فوري طور جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. واضح رهي ته آءِ ايم ايف جي نظرثاني مشن پاڪستان کي اها قسط جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. پاڪستان آءِ ايم ايف جي تجويز ڪيل سمورن ابتدائي نقطن تي عمل ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.