اليڪشن ملتوي ٿيڻ سان ملڪ کي وڏو نقصان پهچي سگهي ٿو.خورشيد شاهه

 سکر (عوامي آواز نيوز) پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته اليڪشن ملتوي نه ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن اليڪشن    ملتوي ٿي ته ملڪ کي وڏو نقصان پهڇي سگهي ٿو. اڳوڻي وفاقي وزير خاص ڳاله ٻولهه ڪندي چيو ته ملڪ ۾ اليڪشن ٿيڻ گهرجي،اليڪشن ملتوي ٿي ته اها ملڪ سان دشمني هوندي. جيڪي ماڻهو اليڪشن ملتوي ڪرائڻ چاهن ٿا اهي ڄاڻين ٿا ته هر حال ۾ اليڪشن  ٿيندي آهي. گرمي هجي يا سردي  اليڪشن ٿيندي رهندي آهي. بينظير ڀٽو جي شهادت کان وڏي دهشتگردي ٿي سگهي ٿي. پر پوءِ به اليڪشن ٿي، پولنگ اسٽيشنز تي فوج مقرر ٿيڻ کپي، صاف ۽ شفاف اليڪشن لاءِ اسان جي  ادارن کي  بيهڻو پوندو. ڪجهه قبائلي علائقا آهن. جتي فوج نه هجڻ جي ڪري پولنگ جو عمل متاثر ٿي سگهي ٿو. ڪجهه علائقن ۾ به پولنگ اسٽيشنز تي قبضا  ٿي ويندا آهن. هن چيو ته ايم ڪيو ايم 8 ڀيرا مختلف حڪومتن ۾ رهي. ان جي سوچ اها آهي ته ايندڙ جيڪا به حڪومت هوندي ان سان گڏ هلنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.