جسٽس منصور علي شاهه ايندڙ چيف جسٽس ٿيندو

اسلام آباد(م ڊ) جسٽس منصور علي شاهه سپريم ڪورٽ جو ايندڙ چيف جسٽس ٿيندو. جسٽس اعجاز الاحسن جي استعيفيٰ کان پوءِ  سينارٽي تبديل ٿي وئي آهي. جسٽس اعجاز الاحسن سينارٽي ۾ ٽئين نمبر تي هو. جسٽس سردار طارق مسعود سينارٽي ۾ ٻئي نمبر تي آهي ۽ هلندڙ سال مارچ ۾ پنهنجو مدو پورو ڪري رٽائر ٿي ويندو. هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي رٽائرمينٽ کانپوءِ جسٽس اعجاز الاحسن کي چيف جسٽس آف پاڪستان ٿيڻو هو پر سندس استعيفيٰ کانپوءِ جسٽس منصور علي شاهه سپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.