ڪراچي (م ڊ) پاڪستان جي ڪرندڙ معشيت ۽ نوڪرين سبب پريشان 8 لک 60 هزار پاڪستاني نوجوانن جي رڪارڊ تعداد 2023ع ۾ ملڪ ڇڏي روزي جي ڳولا لاءِ پرڏيهي هلي وئي، جيڪا 2015ع کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ آهي، بيورو آف ايميگريشن اينڊ اوور سيز امپلائيمينٽ جي سامهون آيل ڊيٽا مطابق 2023ع ۾ 8 لک 62 هزار 652 پاڪستانين پرڏيهه ۾نوڪرين لاءِ پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرايو، جڏهن ته حيرت جي ڳالهه اها ته 2022ع ۾ 8 لک 32 هزار 339 پاڪستاني ملڪ ڇڏي پرڏيهي ويا هئا. ۽ 2015ع ۾ تعداد 9 لک 46 هزار 571 هئي. ملڪ ڇڏيندڙن ۾ 3 لک 85 هزار 892ليبر جي شعبي سان لاڳاپيل هئا. انهن کان علاوه پرڏيهه ويندڙن ۾ 1 لک 96 هزار 575 ڊرائيور، 8741 انجنيئر، 7390 اڪائونٽنٽس، 3486 ڊاڪٽر ۽ 1533 استاد شامل آهن. جن ماڻهن پرڏيهي وڃڻ کي ترجيح ڏني انهن ۾ 22 هزار 760 ماڻهو سٺا پڙهيا لکيا هئا. جڏهن ته 45687 ماڻهو پنهنجي شعبن ۾ ماهر هئا. ان کان علاوه 3 لک 14932 ماڻهو به اسڪلڊ ڪيٽيگري ۾ پرڏيهه منتقل ٿيا. 86 هزار 583 ماڻهو سيمي اسڪلڊ جڏهن ته 3 لک 95 هزار 653 ماڻهو اهي هئا. جن وٽ ڪا خاص مهارت نه هئي. 2032ع ۾ 4 لک 26 هزار 951 ماڻهو سعودي عرب، 2 لک 29 هزار 894 دبئي، 55 هزار 112 ماڻهو قطر، 60 هزار 46 ماڻهو عمان، 20 هزار 905 ماڻهو مليشيا، 13 هزار 345 ماڻهو بحرين، 2914 ماڻهو يونان، 4947 ماڻهو رومينيا ۽ 4 هزار 307 ماڻهو عراق منتقل ٿيا.
پاڪستاني پاسپورٽ مسلسل چوٿون ڀيرو دنيا جو چوٿون بدترين پاسپورٽ قرار
لنڊن (م ڊ) هينلي پاسپورٽ انڊيڪس مطابق پاڪستاني پارسپورت کي لاڳيتو چوٿين سال به دنيا جو چوٿون بدترين قرار ڏنو ويو آهي، گذريل ڪجهه سالن ۾ ان جي پوزيشن ڪا به بهتري ناهي آئي، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهائش ۽ شهريت جي حوالي سان سروسز فراهم ڪندڙ لنڊن جي مشهور فرم هينلي گلوبن دنيا جي 199 پاسپورٽ جي ريڪنگ جاري ڪري ڇڏي، ريڪنگ مطابق پاڪستاني پاسپورٽ دنيا جو چوٿون بدترين پاسپورٽ قرار ڏنو ويو، بدترين پاسپورٽ جي ريڪنگ ۾ پاڪستان کان هيٺ صرف 3 ملڪ آهن، جن ۾ شام، عراق ۽ افغانستان شامل آهن، پاڪستاني پاسپورٽ 34 اسڪور سان 104 ملڪن مان 101 نمبر تي آهي، پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙ ماڻهو دنيا جي 34 ملڪن ۾ سمورن ضابطن تي پورا لهندي ويزا آن اي رائيول يعني ان ملڪ جي ايئرپورٽ تي پهچي ويزا حاصل ڪري سگهن ٿا.