ڪراچي (م ڊ ) آغا خان يونيورسٽي اسپتال جي ليبارٽري جو چوڻ آهي ته ڪراچي مان ڪل 15 نمونن مان 6 ۾ ڪورونا وائرس جي نئين ويريئنٽ جي اين ون سڃاڻپ ٿي آهي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پاران جي اين ون کي ڪورونا جي ويريئنٽ اوميڪرون جو هڪ قسم قرار ڏنو ويو، اهو وائرس آمريڪا ۾ تمام تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جي اين ون ويريئنٽ جي پکيڙ جي شرح وڌيڪ آهي جنهن جي عام علامت زکام آهي. آغا خان يونيورسٽي اسپتال ۾ انفيڪشن ڊيزيز ريسرچ ليبارٽري جي تحقيقاتي معاملن جي سربراهه ڊاڪٽر عمران نثار جو چوڻ هو ته واپس ايندڙن جا ايئرپورٽس تي ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ انهن مان ڪجهه جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آئي. هن چيو ته هن جا نمونا نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ، ڊائو يونيورسٽي ليبارٽريز ۽ آغا خان يونيورسٽي اسپتال ڪلينڪل ليبز ڏانهن موڪليا ويا آهن. عمران نثار چيو ته يونيورسٽي اسپتال جي انفيڪشن ڊيزيز ليبارٽري ۾ اسان 15 نمونن جا ٽيسٽ ڪيا جن مان 6 نون نمونن جا نتيجا هاڪاري آيا آهن.