جبري گمشدگين خلاف بلوچستان ۾ ريليون

ڪوئيٽا (م ڊ)جبري گمشدگين ۽ بلوچن جي نسل ڪشي خلاف خاران، نوشڪي، بسيمه ۽ ٻين شهرن م احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون،   بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي مرڪزي سڏ تي خاران ۾ اسلام آباد ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ڌرڻي جي حمايت ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سياسي اڳواڻن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. ريلي ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ  ۽ اڳوڻي ايم پي اي  ثناءُ بلوچ ضلعي چيئرمين مير محمد جمعه ڪابداني ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ بلوچ نسل ڪشي ۽ عدالت کان مٿانهن قتل جي خاتمي جو مطالبو ڪيو.اڳواڻن چيو ته ادارا بلوچ قوم جي آواز کي طاقت سان دٻائي نٿا سگهن، ان کان بنگالين جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڪهڙو نتيجو نڪتو، هنن چيو ته لاپتا ماڻهن جي ڪئمپ جي آواز کي دٻائڻ لاءِ ڊيٿ اسڪواڊ جي ڪئمپ سندن سامهون لڳائڻ بلوچستان ۾ لاقونيت جي انتها آهي، اسلام آباد ڪئمپ جي اڳواڻي ڪندڙ سمي دين بلوچ چيو ته جبري گمشدگين، ڪوڙن مقابلن، رياستي تشدد ۽ لاپتا ماڻهن جي بازيابي لاءِ اسلام آباد ڌرڻي جي حمايت ۾ ماڻهن جو وڏي انگ ۾ روڊن تي نڪرڻ اسان جي موقف جي تائيد ۽ سچائي جو ثبوت آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.