وڏي وزير پاران 28 بار ايسوسيئيشنن کي 133 ملين جي گرانٽ جاري

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر ) مقبول باقر صوبي جي 28 بار ايسوسيئيشنن کي 133.5 ملين رپين جي گرانٽ  جاري ڪري ڇڏي آهي. صوبي جي 28 بار ايسوسيئشنن جي اڳواڻن سان ملاقات ڪندي سندن مسئلا ٻڌڻ بعد کين 133.5 ملين رپين جي گرانٽ جاري ڪئي. ان موقعي تي  نگران قانون وارو وزير عمر سومرو، سڌ سماءُ وارو نگران وزير احمد محمد شاهه، وڏي وزير جو خاص مددگار ايڊووڪيٽ معيز بيگ، سيڪريٽري قانون علي احمد بلوچ ۽ مختلف هاءِ ڪورٽ ۽ ضلعي بار ايسوسيئيشن جي چونڊيل نمائندن شرڪت ڪئي. وڏي وزير  چيو ته نگران حڪومت جو بنيادي ڪم ۽ مقصد آزاد، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن کي يقيني بڻائڻ آهي. هن چيو ته وڪيل هجڻ جي ڪري اسان کي سماج جي ٻين طبقن خاص ڪري قانون سازن سان سٺا لاڳاپا رکڻ گهرجن ۽ وڪيلن کي گهرجي ته هو سماج تي نظر رکن ۽ سماج جي محروم طبقن جي مدد ڪن.  ملاقات دوران وڏي وزير حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشنن کي 10-10 لک رپين جا چيڪ ڏنا. ڪراچي بار ايسوسيئيشن کي 20 ملين رپيا، ضلعي بار ايسوسيئيشن حيدرآباد ۽ سکر کي 10-10 ملين رپيا، ملير کي 7.5 ملين  رپيا ، نواب شاهه ۽ خيرپور کي 5-5 ملين رپيا،  شڪارپور کي 40 لک، بدين، دادو، ڄامشورو، گهوٽڪي، مٺي، سانگهڙ، عمرڪوٽ، جيڪب آباد، ڪشمور، شهدادڪوٽ، سجاول ۽ نوشهروفيروز کي 20-20 لک رپيا،  ٺٽي کي 30 لک ۽ ٽنڊو محمد خان، مٽياري ۽ ٽنڊوالهيار ضلعي بار کي 10-10 لک  رپين جا چيڪ جاري ڪيا. وڏي وزير ضلعي نوشهروفيروز جي ڀريا تعلقي بار ايسوسي ايشن کي 20 لک رپين جو چيڪ پڻ ڏنو. ايسوس ايشنن جي عهديدارن پاران وڪيل برادري سان سهڪار ڪرڻ ۽ سندن مسئلن جي حل ۾ دلچسپي وٺڻ تي وڏي وزير جا ٿورا مڃيا.

نگران سرڪار پاران فضل الرحمان جي افغان دوري کان لاتعلقي

اسلام آباد(م ڊ) نگران وفاقي سرڪار مولانا فضل الرحمان جي افغان دوري سان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي آهي،پرڏيهي آفيس جي ترجمان زهره بلوچ چيو آهي ته حڪومت مولانا فضل الرحمان جي افغان دوري جي  سپورٽ نه پئي ڪري، افغانستان جي دوري تان واپسي تي مولانا فضل الرحمان کان بريفنگ وٺنداسين،هن چيو ته مولانا فضل الرحمان نجي حيثيت ۾ افغانستان ويو آهي، پاڪستان بندش پيل ٽي ٽي پي سان ڳالهيون ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه ٿو رکي، اسان جو اهو ئي مطالبو آهي ته افغانستان جي عبوري حڪومت پاڪستان ۾ حملا ڪندڙ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪري،ترجمان چيو ته ڏکڻ آفريقا پاران اسرائيل کي انصاف جي عالمي عدالت ۾ وٺي وڃڻ جي پاڪستان واکاڻ ڪري ٿو، اسان ڏکڻ آفريقا جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا، غزه ۾ فوري جنگبندي ڪري قتلام روڪيو وڃي

ڪراچي ۾ پوليس مقابلا، 6 زخمين سميت 8 ڏوهاري گرفتار

ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي پوليس مختلف علائقن ۾ الڳ الڳ مقابلن ۾ 6 زخمي ڏوھارين سميت 8 ڏوھارين کي گرفتار ڪري ھٿيار ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ورتو. سچل پوليس موجب ڪوئيٽا آغا ھوٽل  ڀرسان مقابلي دوران جوابدار عبدالرحمٰن ولد محمد ابراھيم کي زخمي حالت ۾ ساٿي ڏوهاري حماد ولد بندو خان سميت گرفتار ڪري موٽرسائيڪل، پسٽل، روڪ رقم ۽ موبائل فون هٿ ڪيو ويو. مدينا ڪالوني ٿاڻي جي پوليس موجب بلديا نمبر 7 قبرستان  ڀرسان پوليس ۽ ڦورن جي وچ ۾ مقابلي دوران جوابي فائرنگ ۾ ڏوهاري عامر ولد غلام نازڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پسٽل ۽ موٽرسائيڪل ھٿ ڪئي وئي. بغدادي پوليس موجب بغدادي ۾ پوليس ۽ گيگ وار جي وچ ۾ مقابلي ۾ ڏوهاري بابر عرف ڪاليا کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پسٽل ۽ گوليون ھٿ ڪيون ويون. گلشن اقبال ٿاڻي جي پوليس موجب گلشن اقبال بلاڪ 13 ڊي ۾ مقابلي دوران جوابدار ايڊون ۽ شھباز کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پسٽل، موبائل فون ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪيو ويو. نبي بخش ٿاڻي جي پوليس موجب مقابلي ۾ جوابي فائرنگ دوران ڏوهاري زبير عرف ڇوٽا ۽ احمد علي عرف دادا کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪندي پسٽل ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪيو ويو.

ڪراچي ۾ ٽن ٻارڙن جي ماءُ فليٽ تان ٽپو ڏئي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو

ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي خواجا اجمير نگري جي علائقي نارٿ ڪراچي سيڪٽر اليون اي الغفور اسڪائي ٽاور جي 7 منزل جي فليٽ نمبر 750 H جي رھواسڻ عورت پر اسرار طور  تي پنهنجي فليٽ تان ٽپو  ڏئي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، فوتيڻ جو لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته فوتيڻ جي سڃاڻپ 45 ورهين جي شمائلا ياسمين طور ٿي آهي.رات جي وقت ۾ ليڊي ايم ايل او جي غير موجوگي سبب فوتيڻ جو مڙهه بنا پوليس ڪارروائي جي ايڌي سرد خاني سھراب ڳوٺ منتقل ڪيو ويو.فوتي عورت طلاق يافته ۽ 3 ٻارن جي ماءُ ھئي. جن ۾ ھڪ پٽ ۽ 2 نياڻيون شامل آهن. فوتيڻ عورت ڪرائي جي فليٽ ۾ ٻارن سميت رھندي ھئي. جڏهن ته  2 ڏينهن اڳ سندس ٻار پنهنجي والد عبدالجليل وٽ ان جي رھائش گاھ ڊيفنس ھليا ويا ھئا. فوتيڻ عورت جو اڳوڻو مڙس ٺيڪيدار آهي. شڪ ظاھر ڪيو پيو وڃي ته عورت دل برداشت ٿي خودڪشي ڪئي آهي.

برطانوي  شهرين کي اتر سنڌ سميت مختلف علائقن ۾ سفري احتياط جي هدايت

لنڊن(م ڊ) برطانيا پنهنجي شهرين کي اتر سنڌ سميت پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ سفر کان احتياط ڪرڻ جي تجويز ڏيندي سفري هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. برطانوي پرڏيهي آفيس جي ايڊوائيزري  ۾ پاڪستان افغان سرحد کان 10 ميل پري رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ايڊوائزري ۾ برطانوي شهرين کي صلاح ڏني وئي آهي ته هو باجوڙ، بنون، بونير، چارسده، ڊيرا اسماعيل خان، خيبر، ڪوهاٽ، ڪرم، لڪي مروت، مهمند، اورڪزئي، پشاور، سوات، ٽانڪ جو دورو نه ڪن.  ان کان علاوه برطانوي شهرين کي به اپر ۽ لوئر ڏکڻ وزيرستان جي علائقن ۾ سفر نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، جڏهن ته انهن کي بٽگرام هاءِ وي ذريعي مانسهره کان چلاس تائين سفر نه ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي. ٻئي طرف برطانوي ايڊوائزري آزاد ڪشمير جي لائين آف ڪنٽرول کان 10 ميل پري رهڻ جي هدايت ڪندي نواب شاهه سميت اتر سنڌ ۾ ضروري سفر کانسواءِ ٻين هنڌن تي سفر نه ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. برطانوي سفري مشوري ۾ چيو ويو آهي ته انشورنس انهن علائقن ڏانهن سفر ڪرڻ وارن لاءِ قبول نه ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.