ڊسمبر ۾ ڪورونا وگهي 10 هزار ماڻهو اجل جو شڪار بڻيا: ڊبليو ايڇ او

جينوا (م ڊ) ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) چيو آهي ته ڊسمبر 2023 دوران سڄي دنيا ۾10 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو ڪورونا وبا وگهي اجل جو شڪار بڻيا. ڊبليو ايڇ او جي سربراهه ڊاڪٽر ٽيڊروس ايڊهانوم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيتوڻيڪ عالمي ايمرجنسي هاڻي ختم ٿي چڪي آهي پر ڪووڊ 19 وائرس اڃا به وڏو خطرو آهي. هن چيو ته ڪيترن ئي ذريعن کان مليل ڄاڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڊسمبر دوران وائرس جي پکيڙ واڌ ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ڪرسمس جون موڪلن ۽ نئين قسم جي ڪووڊ جي اين ون سبب بيماري ۾ واڌ ٿي آهي. هن چيو ته هي وائرس اڃا تائين ميوٽيشن ڪري رهيو آهي ۽ ماڻهن جي موت جو سبب بڻجي رهيو آهي. ڊبليو ايڇ او جي سربراهه چيو ته موت کان علاوه گذريل مهيني ڪووڊ-19 سبب اسپتالن ۾ داخل ٿيڻ جي تعداد ۾ 42 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ نومبر جي مقابلي ۾ آءِ سي يو ۾ داخل مريضن ۾ 62 سيڪڙو واڌ ٿي. هن چيو ته هي ڊيٽا 50 کان گهٽ ملڪن تي ٻڌل آهي، جن مان اڪثر يورپي ۽ آمريڪي ملڪ آهن. هن وڌيڪ چيو ته اهو واضح آهي ته ٻين ملڪن ۾ ڪيسن ۾ اضافو ضرور ٿيو هوندو جيڪي رپورٽ نه ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.