پشاور هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ ۾ پيش آيل واقعي تي معافي گهرون ٿا: ايمل ولي

پشاور ( م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي ڪي پي ڪي جي صدر ايمل ولي خان پنهنجي وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته  پشاور هاءِ ڪورٽ جي احاطي ۾ عمل ۽ رد عمل جي نتيجي ۾ پيش آيل واقعي تي پوري عدالتي نظام  کان معافي گهرون ٿا.سڀني سياسي پارٽين خاص ڪري عوامي نيشنل پارٽي جي ڪارڪنن کي اپيل آهي ته جمهوريت کي جمهوريت ئي رهڻ ڏين. ايمل ولي خان چيو ته  باچا خان پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد عدم تشدد جي ذريعي شروع ڪئي ۽ اڄ 100 سالن کان پوءِ چوٿون نسل به ان ئي رستي تي هلي رهيو آهي. اسان هميشه عدليه سميت سمورن ادارن جو احترام ڪيو آهي ۽ آئين، عدليه يا ججن جي بي عزتي ڪرڻ جو سوچي به نٿا سگهون.  پنهنجي بيان ۾ ايمل ولي خان وڌيڪ چيو ته  اسان عدليه جي آزادي لاءِ جانيون قربان ڪيون آهن ۽ هڪ آمر خلاف بيٺا رهيا آهيون،  چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ سان ڪو به ذاتي تڪرار ناهي. ماحول کي درست ڪرڻ ۽ معاملي کي ختم ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن چيف جسٽس جي ناراضگي ٿي آهي ته معافي گهران ٿو ڇو ته هي پختون روايتون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.