ايجنسين جي ماڻهن تي ڪيس هلڻ سان جبري گمشدگيون ختم ٿي وينديون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني گم ٿيل بلوچ شاگردن جي ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو ته جنهن ڏينهن سائيڪل ابتي هلندي ان ڏينهن ايجنسين جي ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيندي،گم ٿيل بلوچ شاگردن جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس  محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايجنسين جي ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيندي ته جبري گمشدگيون ختم ٿي وينديون،جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته جبري گمشدگيون انڪري ٿينديون آهن ڇو ته رياستي ادارا عدالتن کي نٿا مڃين،ايجنسين جو پنهنجو مڪينزم هوندو پر انهن کي فيصلو ڪرڻ جي ضرورت آهي،جڏهن ته مقتول صحافي  ارشد شريف تي داخل ڪيسن جا تفصيل فراهمي جي درخواست تي جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ان کان وڏي ڳالهه ڪهڙي ٿيندي ته رياست سپريم ڪورٽ آڏو پنهنجو ڏوهه تسليم ڪري ورتو آهي، هن چيو ته اهو چوڻ آسان آهي ته ڀارت ۽ اسرائيل فنڊ ڪري رهيا آهن، پر انهن عورتن ۽ ٻارن کي ڏسو جن جا پيارا 10،10 سالن کان لاپتا آهن ۽ هو انهن لاءِ ويٺا آهن، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته رياست کي اهڙا ڪم ئي نه ڪرڻ گهرجن ته ماڻهو ان تي ٽوئيٽ ڪن يا ڳالهائن، هتي رياست جا ادارا ماڻهن کي اغوا ڪري رهيا آهن ۽ ڪو پڇڻ وارو ناهي، عدالتن کي پنهنجو ڪم ڪري ڏيکارڻو آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.