معدنيات نڪرڻ گهرجي، اجائي واويلا بند ڪئي وڃي: خدا بخش مري

ڌاٻيجي (ن ع آ) معدنيات جي نگران صوبائي وزير ميرخدابخش مري چيو آهي ته سنڌ جي وسيلن جي مالڪي سنڌجي ماڻهن کي ڪرڻي  پوندي، رڳو ڪارونجهر نه پر سموري معدنيات تي سنڌجي ماڻهن جو حق آھي، معدنيات جي نگران صوبائي وزير ميرخدابخش مري ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته معدنيات اسان جي زندگي جو حصو آھي جنهن سان عمارتون ٺھن ٿيون جنهن ۾ سيمينٽ سميت ٻيون شيون استعمال ٿين ٿيون معدنيات صرف ڪارونجهر ٿر پارڪر نه سڄي سنڌ  آھي، ڪجھه مفاد پرست ٽولا اجائي واويلا ڪري ڪوڙيون افواهون پکيڙي رهيا آھن، منرل نڪرڻ سان سنڌ جو ماڻھو ترقي ڪندو، معدنيات نڪرڻ کپي جنهن سان هتان جو ماڻھو ترقي ڪندو، صرف روڊ رستا سنڌ جي ترقي ناهن، سنڌ جي ترقي چاهيو ٿا ته پنهجي وسيلن جي مالڪي ڪريو، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ معدنيات تي سنڌجي وسيلن جي حاڪميت لاءِ قانونسازي ڪرڻي پوندي جيڪا هيستائين نه ٿي سگهي آھي، اسين نگران حڪومت واري عرصي دوران سنڌجي وسيلن ۽ معدنيات تي ڪابه سوديبازي نه ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته انهن تي سنڌي ماڻهن جو حق آھي انهي موقعي تي مير ملوڪ مري ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.