ڪنڌڪوٽ ۾ اليڪشن ڪميشن آفيس مان 4 ملازمن جا لاش هٿ، واقعو اتفاقي قرار

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ اليڪشن ڪميشن جي آفيس  مان 4 ملازمن جا لاش هٿ آيا، ڊاڪٽرز موجب گئس خارج ٿيڻ جي نتيجي ۾ ملازم ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا، ضلعي  ڪامپليڪس ۾ واقع اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ رات دير تائين ڪم ڪرڻ بعد اليڪشن ڪميشن آفيسر سميت 4 ملازم ٿڌ کان بچاءَ لاءِ گئس وارو هيٽر هلائي سمهي پيا، صبح جو  چارئي ڄڻا مئل حالت ۾ هٿ آيا، فوتين ۾ اليڪشن ڪميشن آفيسر مشتاق مگسي، لاڙڪاڻو واسي سب اسسٽنٽ عبدالرئوف مگسي، ڊيٽا انٽري آپريٽر فريد ايري ۽ واجد خالتي شامل آهن، جڏهن ته لاش سول اسپتال منتقل ڪيا ويا، ضلعي اليڪشن ڪمشنر موجب چارئي ملازم رات 3 وڳي تائين ڪم ڪري رهيا هئا، ساڻن رابطو ٿيو، هنن ٻڌايو ته اسان ڪم مڪمل ڪيو آهي، هاڻي سمهي رهيا آهيون، اسپتال جي ذريعن مان معلوم ٿيو ته ٽن لاشن جا پوسٽ مارٽم ڪرايا ويا ھڪ جي وارثن جي منع ڪرڻ تي پوسٽ مارٽم نه ڪيو ويو، ميڊيڪل رپورٽ ھڪ ھفتي ۾ اچي ويندي لاش ڪافي دير تائين اسپتال ۾ ھجڻ بعد قانوني ڪاروائي بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، اسپتال ۾ ڊي سي امير افضل اويسي پھچڻ بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن ڊسٽرڪٽ آفيس جا چار ملازم اليڪشن جو ڪم ڪري رھيا ھئا جيڪي سخت سردي ھجڻ ڪري گئس جو ھيٽر ھلايو گيس ليڪيج ھجڻ ڪري ملازمن جو آرام دوران ساھ ٻوسائٽڻ سبب فوت ٿي ويا آهن افسوس ناڪ واقعو پيش آيو، ڪنڌڪوٽ جي اليڪشن آفيس ۾ فوت ٿيل اليڪشن آفيسر مشتاق مگسي جي وارثن 4 ملازمن جي فوت ٿيڻ واري واقعي کي قتل قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته چيف اليڪشن ڪمشنر واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، فوتي آفيسر جي ڀاءُ آصف مگسي چيو آهي ته اسان جي ڀاءُ ۽ ٽن ملازمن کي قتل ڪري اليڪشن روڪرائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، جنهن بورچي اليڪشن آفيسر ۽ ٽن ملازمن کي ماني ڏني ان کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي، اليڪشن جي عملي کي آفيس اندر ڪا به سيڪيورٽي فراهم ٿيل نه هئي، مشتاق مگسي جو لاڙڪاڻي جي ڳاڙهو بنگلي واري علائقي ۾ تڏو وڇايو ويو، ٻئي پاسي چيف اليڪشن ڪمشنر واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب چيف اليڪشن ڪمشنر واقعي جي انڪوائري ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن، چيف اليڪشن ڪمشنر پاران متاثر خاندانن سان ڏک جو اظهار ڪيو ويو، چيف سيڪريٽري سنڌ واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان رپورٽ طلب ڪئي آهي، اليڪشن ڪمشنر سنڌ شريف الله پاران به آفيسر ۽ 3 ملازمن جي موت تي ڏک جو اظهار پڻ ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.