سوشل ميڊيا تي اڳوڻا حڪمران وائکا ٿي چڪا آهن: سراج الحق

لاهور(پ ر)  جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اڳوڻين حڪمران پارٽين سياست کي شطرنج جي راند سمجهي آهي. اليڪشن ۾ انهن جي ڪاميابي عوام جي ناڪامي ٿيندي. اڳوڻن حڪمرانن قانون جي بادشاهي بجاءِ  پنهجي بادشاهت قائم ڪئي. ۽ هو ٻيهر پنهنجي خواهش لاءِ عوام کان ووٽ گهري رهيا آهن. سوشل ميڊيا تي نا اهل حڪمرانن منهن تان نقاب لاهي ڇڏيو آهي. 8فيبروري تي ووٽ حق سچ ايمانداري لاءِ ڪيو وڃي. ان خيالن جو اظهار ديرپائن ۾ پنهنجي تڪ اين اي 6۾ عوام جي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته  نواز ليگ پ پ ۽ پي ٽي آئي عوام کي مهانگائي بي روزگاري بک بدحالي کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي امير ۽ غريب لاءِ هڪ جهڙو انصاف قانون هجڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.