سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ڪارروائي کي منهن ڏيندڙ جسٽس مظاهر نقوي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر نقوي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر نقوي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس ٻڌڻي هيٺ آهي جنهن ۾  مٿس اثاثن بابت الزام هئا جڏهن ته سندس هڪ مبينا آڊيو به سامهون آئي هئي، ان سلسلي ۾ هن ڪائونسل کي پنهنجو تفصيلي جواب جمع ڪرايو هو. جسٽس مظاهر نقوي پنهنجي استعيفيٰ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڏانهن اُماڻي، جنهن جسٽس مظاهر علي نقوي موقف اختيار ڪندي چيو ته سندس لاءِ پنهنجي عهدي تي ڪم جاري رکڻ ممڪن ناهي رهيو، لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ فرض انجام ڏنا. واضح رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جسٽس مظاهر نقوي جي سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. هوڏانهن  جسٽس مظاهر نقوي پنهنجي استعيفيٰ جي تاريخ 2024ع لکيل آهي. ان سلسلي ۾ سيڪريٽري سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر نقوي جي استعيفيٰ جي غلط تاريخ تي سندس سيڪريٽري صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي خط موڪلي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي جج مظاهر نقوي پنهنجي استعيفيٰ صدر عارف علوي کي موڪلي ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته منهنجي لاءِ پنهنجي عهدي تي ڪم جاري رکڻ ممڪن ناهي، مان لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ فرض سرانجام ڏئي چڪو آهيان.جسٽس مظهر علي اڪبر نقوي جي استعيفيٰ جي تاريخ غلط هئي. سندس استعيفيٰ تي 2024 بدران 10 جنوري 2023 لکيل هو.

  • جسٽس مظاهر مقابلي بدران ڀڄي جان ڇڏائي

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر علي نقوي ڪرپشن الزامن جو مقابلو ڪري ڪوڙو ثابت ڪرڻ بدران استعيفيٰ ڏئي ڀڄي جان ڇڏائي آهي، نامياري صحافي مطيع الله جو چوڻ آهي ته جڏهن موجوده چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ان جي گهر واري سيرينا عيسيٰ خلاف جڊيشل  ڪائونسل ۾ عمران خان ريفرنس داخل ڪرايو هو ته ان وقت جسٽس جي حيثيت ۾ قاضي فائز عيسيٰ  ۽ سيرينا عيسيٰ ڄمي مقابلو ڪيو هو ۽ لڳل الزامن کي ڪوڙو ثابت ڪري فتحياب ٿيا هئا. ان جي ابتڙ جسٽس مظاهر علي نقوي جيڪو عمراندار جج طور پڻ مشهور هو ان پاڻ تي لڳل الزامن کي ڪوڙو  ثابت ڪرڻ بدران استعيفيٰ  ڏئي اڻ سڌي طرح  اهو  اعتراف ڪيو آهي ته مٿس لڳل ڪرپشن الزام درست آهن، ڇاڪاڻ ته مٿس لڳل الزامن جا اهڙا ٺوس ثبوت  موجود آهن جن کي غلط ثابت ڪرڻ ناممڪن آهي، هاڻي جسٽس  مظاهر نقوي جي پينشن ۽ مراعتون بچي ويون. سوال  آهي ته ڇا هاڻي جسٽس مظاهر خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿيندي، ڇا استعيفيٰ ڏيڻ سان هو سمورن  الزامن کان آجو ٿي ويو. جيڪڏهن جڊيشل ڪائونسل ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهي ته ڇا نيب ، ايف بي آر ۽ ٻيا ادارا  ڪرپشن جي جاچ ڪري ناجائز طريقي سان گڏ ڪيل رقم جسٽس  مظاهر کان واپس وٺي سرڪاري خزاني ۾ جمع نه ٿي ڪرائي سگهجي. اهڙا اڪيچار سوال ٻيا به موجود آهن جيڪي جواب طلب آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.