ڪراچي (رپورٽر) سنڌ صوبي ۾سياحت جي فروغ ۽ سياحن جي تحفظ جي لاءِ پوليس يونٽ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.نگران صوبائي وزير سياحت ارشد ولي محمد پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سياحت پوليس يونٽ ٺاهڻ جو مقصد سنڌ کي محفوظ سياحتي مقام طور متعارف ڪرائڻ آهي.سيڪريٽري سياحت ۽ ثقافت خالد چاچڙ مطابق ٽورازم پوليس اهلڪارن کي سياحت تي ڌيان ڏيڻ واري پوليسنگ بابت ٽريننگ ڏني ويندي.، فورس کي سياحت تي ڌيان ڏيڻ واري پوليسنگ جي تربيت ڏياري ويندي ۽ ثقافتي حساسيت، رابطي توڙي ايمرجنسي واري جواب تي ڌيان ڏيڻ سميت مهمانن لاءِ ڀليڪار وارو محفوظ ماحول ٺاهيو ويندو.