ڪوهاٽ ۾ دهشتگردن جو حملو، 3 اهلڪارن سميت 4 ڄڻا شهيد

ڪوهاٽ(م ڊ) ڪوهاٽ ۾ ٽول پلازه ۽ چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن حملو ڪري ڏنو دهشتگرد حملي ۾ پوليس اهلڪارن سميت 4 ڄڻا  شهيد ٿي ويا.پوليس موجب ڪوهاٽ ۾ انڊس هاءِ وي تي رات دير سان لاچي ٽول پلازه  چيڪ پوسٽ تي 10 کان وڌيڪ دهشتگردن حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ 3 پوليس اهلڪارن سميت 4 ڄڻا شهيد ٿي ويا.دهشتگردن جي حملي ۾ شهادت ماڻيندڙ پوليس اهلڪارن ۾ هيڊ ڪانسٽيبل امجد، جنيد ۽ وقار شامل آهن.پوليس موجب حملي ۾ لکي مروت جو رهائشي هڪ عام شهري نور محمد به شهيد ٿي ويو آهي. واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي. علائقي  کي گهيري ۾ آڻي حملي آورن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.