سرڪار بلوچن جي زخمن تي لوڻ هارڻ لڳي، ترجمان نياڻي ماهه رنگ بابت زهر اوڳاڇي ڇڏيو

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي نگران سڌ سماءَ واري وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته ڊاڪٽر مهر بلوچ هڪ دهشتگرد جي ڌيءَ آهي ۽ دهشتگردن جي سهولتڪارن لاءِ ڳالهائي رهي آهي. ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس  ڪندي بلوچستان جي نگران اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان جمهوري ملڪ آهي جتي هر ڪنهن کي احتجاج ڪرڻ جو حق آهي پر هڪ دهشتگرد جي ڌيءَ اسلام آباد ۾ دهشتگردن جي سهولتڪارن لاءِ احتجاج ڪري رهي آهي. هن چيو ته مونکي شرم اچي ٿو انهن ماڻهن تي جيڪي ماهه  رنگ جي ڪيمپ ۾ وڃن ٿا پر بلوچستان جي شهيدن جي ڪئمپن ۾ نٿا وڃن، جيڪي دهشتگردن جا سهولتڪار آهن اهي ڪڏهن به بلوچستان جي ترقي نٿا ڪري سگهن. جان اچڪزئي چيو ته ڪو به شهري بغير دستاويزن جي ملڪ ۾ داخل نٿو ٿي سگهي، هڪ دستاويز حڪومت جو فيصلو آهي جنهن تي عمل ڪيو پيو وڃي. نگران صوبائي وزير چيو ته بلوچستان جي ڪيترن ئي نوجوانن راندين ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي، بلوچستان ڪابينا احمد شهزاد جي نگراني ۾ اڪيڊمي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته نوجوان رانديگرن کي تربيت ڏيڻ لاءِ همٿايو ويندو، ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي قيام سان نوجوانن کي موقعا فراهم ٿيندا.

عمراندار جج مظاهر نقوي جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو !

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ ۾ عمراندار جج طور مشهوري ماڻيندڙ جسٽس مظاهر علي نقوي جو عدالتي مستقبل اونداهو ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن،  نامياري صحافي اسد علي طور جو چوڻ آهي ته جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ جسٽس مسرت حلالي ۽ جسٽس جمال مندوخيل تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ اسٽي آرڊر ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ شنوائي  اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، عدالت  جي ان ڪارروائي کانپوءِ جڊيشل ڪائونسل لاءِ رستو صاف ٿي ويو آهي ۽ سڀاڻي کان سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ جسٽس مظاهر نقوي خلاف ڪارروائي شروع ٿي ويندي، جنهن جي نتيجي ۾ امڪان آهن ته جسٽس مظاهر نقوي خلاف کليل عدالت ۾ شنوائي شروع ٿي ويندي. انڪان آهي ته هاڻي پنهنجي پينشن ۽ مراعتون بچائڻ لاءِ استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو. ٻيو امڪان اهو آهي ته جيڪڏهن جڊيشل ڪائونسل کيس عهدي تان هٽائي ته صدر عارف علوي کيس بطور جج ڪم جاري رکڻ  جو حڪم ڏئي ڇو ته صدر کي اهو اختيار حاصل آهي، باقي جڊيشل ڪائونسل وٽ جسٽس مظاهر نقوي خلاف اهڙا ٺوس ثبوت موجود  آهن، جو جسٽس مظاهر جو بچڻ ناممڪن نه سهي مشڪل ترين ضرور آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.