اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي پاران جبري گمشدگين ۽ بلوچن جي نسل ڪشي خلاف ڌرڻو جاري آهي، هوڏانهن دشت بلوچستان ۾ به ٻارن وڏي انگ ۾ لاپتا ماڻهن جي بازيابي لاءِ ريلي ڪڍي، ماهه رنگ بلوچ چيو ته دشت واري ريلي ۾ ٻارن جو وڏو انگ ڏسي سگهجي ٿو،بلوچستان ۾ ٻار به اسان جي حمايت لاءِ نڪري رهيا آهن، اسان ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهيون ته اها تحريڪ بلوچستان جي هر گهر جي تحريڪ آهي، ٻارن کان وڏي پوڙهن تائين اسان کي حمايت حاصل آهي، هاڻي هن تحريڪ کي دنيا مان اخلاقي حمايت جي ضرورت آهي، هن چيو ته تحريڪ جي ٽئين مرحلي ۾ سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي، اڄ بلوچستان جي پنج اهم شهرن پنجگورسوراب،قلات،منگوچر ۽ مستونگ ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون جنهن ۾ هزارن جي انگ ۾ عوام روڊن تي نڪري پنهنجي حمايت جو اظهار ڪيو