برادري تڪرار پرڏيهه پهچي ويو، ايران ۾ قتل ٿيل نوجوان جو لاش ڏيهه پهتو، ڌرڻو

ملير (ڊ ر) هفتو اڳ ايران ۾ گوليون هڻي قتل ڪيل ملير جي پپري واسي نوجوان جو لاش ڏيهه پهچي ويو، وارثن پاران ملير پريس ڪلب آڏو لاش رکي احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو، هفتو اڳ ايران ۾ گوليون هڻي قتل ڪيل  وجوان رياض گوپانگ جو مڙهه ڏيهه پهچي ويو جنهن بعد سندس وارثن لاش رکي ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ڌرڻي ۾ شريڪ عورتن، ٻارڙن ۽ پوڙهن قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي، مقتول نوجوان رياض گوپانگ جي امڙ باشان زادي ۽ والد عبدالله گوپانگ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڪجهه سال اڳ اسان قمبر جي هڪ ڳوٺ ۾ رهندا هئاسين جتي آصف گوپانگ کان منهنجي پٽ 2 لک روپيا وياج تي ورتا هئا وياج وقت تي نه ملڻ ڪري آصف گوپانگ، گل محمد، صدر گوپانگ، مجاهد گوپانگ اسان جي دڪان ۽ هوٽل کي تالا هڻي ڇڏيا ۽ منهنجي نوجوان پٽن تي تشدد ڪيو، جهيڙي دوران گولي لڳڻ سبب وياجي سڪندر مارجي ويو مٿي ڄاڻايل سندس ڀائرن اسان سان دشمني ڪئي ۽ اسان جي زمينن ۽ ڪاروبار تي قبضا ڪري ورتا جنهن بعد منهنجي هڪ پٽ کي ڳوٺ ۾ قتل ڪيو ويو جڏهن ته هڪ پٽ کي ڪراچي ۾ ۽ هڪ پٽ کي سعودي عرب ۾ بيگناهه نشو ڏيئي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، هنن ٻڌايو ته هفتو اڳ ايران جي رهندڙ منهنجو پٽ رياض جيڪو پورهيو ڪندو هو ان کي به مٿي ڄاڻايل جوابدارن قتل ڪيو جنهن بعد سندس لاش کي ڏيهه آندو ويو آهي ۽ سندس لاش رکي انصاف جي لاءِ ڌرڻو هنيو آهي هنن نگران وزيراعظم، چيف جسٽس آف پاڪستان، نگران وڏي وزير، آءِ جي سنڌ ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته منهنجي پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري کين سزا ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.