نقيب الله قتل ڪيس، امان الله مروت سميت 7 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت اڳوڻي ايس ايڇ او امان الله مروت سميت 7 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، عدالت ۾ جوابدارن ڏوهه کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر ۽ شاهدن کي طلب ڪري ورتو، گرفتار جوابدارن کي اڳوڻي ايس ايڇ او امان الله مروت، گدا حسين، صداقت حسين، رياض احمد، راجا شميم ۽ محسن عباس پيش ڪيو ويو، ڪيس جو مرڪزي جوابدار اڳوڻو پوليس آفيسر شعيب شوٽر به پيش ٿيو، جيڪو ضمانت تي آهي، عدالت جيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي گرفتار جوابدارن کي پيش ڪيو وڃي، ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار سميت 18 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي بري ڪيو ويو، ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او امان الله مروت سميت 7 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار مفرور آهن، پراسيڪيوشن جو چوڻ آهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي کانپوءِ 7 مفرور جوابدارن هٿيار ڦٽا ڪيا، ڪيس ۾ هڪ جوابدار شعيب شوٽر ضمانت تي آهي، جڏهن ته امان الله مروت سميت 6 جوابدار گرفتار آهن، پراسيڪيوشن جو چوڻ آهي ته نقيب الله کي جنوري 2018 ۾ پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو هو.

نامزدگي ڪاغذن بابت اپيلن جي ٻڌڻي جو مرحلو اڄ مڪمل

اسلام آباد (اين اين آءِ) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته عام  چونڊون 2024ع لاءِ اپيل هيٺ ٽربيونلز  پاران اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور يا  رد ڪرڻ جي خلاف اپيلن جي ٻڌڻن جو مرحلو اڄ اربع تي مڪمل ٿي ويندو. اليڪشن ڪميشن  جاري ڪيل شيڊول مطابق اميدوارن جي نظر ثاني ٿيل لسٽ سڀاڻي خميس تي شايع ڪئي ويندي. اميدوارن پاران نامزدگي ڪاغذ 12 جنوري تي واپس وٺي سگهجن ٿا. جڏهن ته ان ئي ڏينهن اميدوارن جي فائنل لسٽ جاري ڪئي ويندي، اميدوارن کي چونڊ نشانن جي الاٽمنٽ 13 جنوري تي ٿيندي، جڏهن ته  پولنگ 8 فيبروري تي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.