بيٽ جو چونڊ نشان، پي ٽي آءِ جي درخواست تي سپريم ڪورٽ ۾ بينچ قائم

اسلام آباد (م ڊ )  پي ٽي آءِ جي بيٽ جي چونڊ نشان جي بحالي  بابت  اپيل تي سپريم ڪورٽ ۾ بينچ جوڙي وئي آهي، چيف جسٽس  قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪندي،  بينچ ۾ جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل آهن. سپريم ڪورٽ جي بينچ اڄ اربع تي پي ٽي آءِ جي اپيل تي ٻڌڻي ڪندي، واضح رهي ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي بيٽ چونڊن نشان بابت 10 جنوري  سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.