فيض حميد گروپ جي سينيٽرن ٺهراءُ منظور ڪيو

لاهور (عوامي آواز نيوز) سينيٽ ۾چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو ٺهراءُ  منظور ڪندڙ سينيٽر فيض حميد گروپ جا آهن ڇو ته انهن کي سينيٽ  ۾ فيض حميد پهچايو هو. ان ڪري کين خطرو آهي ته چونڊون ٿي ويون ته هو گهر هليا ويندا. ان ڪري ڪجهه وقت رهڻ لاءِ هنن ڪوشش  ڪئي انهن پٺيان اسٽيبلشمينٽ نه آهي. نامياري تجزئي نگار مزمل سهروردي جو چوڻ آهي ته استحڪام جي عون چوڌري، عليم خان ۽ جهانگيرترين کي ن ليگ 3 سيٽون ڏئي ڇڏيون آهن. معاهدو ٿي ويو آهي، مبشر لقمان سان ڳالهائيندي مزمل سهروردي جو چوڻ آهي ته چونڊون نه ٿيڻ سان اسٽيبلشمينٽ جو نقصان ٿيندو. ان ڪري  8  فيبروري تي چونڊون ٿي وينديون. سپريم ڪورٽ مان نااهلي ڪيس جو فيصلو سڀاڻي اچي ويندو. ۽ امڪان آهي ته تاحيات نااهلي ختم ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.