اليڪشن ملتوي ڪرڻ جي سينيٽ ٺهراءُ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)  چونڊن کي ملتوي ڪرائڻ جي لاءِ سينيٽ ۾ ٺهراءُ پاس ٿيڻ تي سينيٽ چيئرمين ۽ ميمبرن جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.رپورٽ موجب گذريل ڏينهن چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي لاءِ سينيٽ ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو جنهن کي منظور ڪيو ويو آهي هاڻ انهي ٺهراءُ کي پاس ڪرائيندڙن جي خلاف هڪ وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.درخواستگذار جي وڪيل اشتياق احمد چيو آهي ته سينيٽ ۾ پاس ڪيل ٺهراءُ توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو. سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي سينيٽ چيئرمين ۽ ميمبرن جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي..درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته سينيٽ جي منظور ٿيل ٺهراءَ کي غير قانوني ۽ غير آئيني قرار ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.