سينيٽ ۾ عام چونڊون وقت تي ڪرائڻ لاءِ ٺهراءُ جمع

اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ ۾ عام چونڊون وقت تي ڪرائڻ لاءِ ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو. جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد پاران  جمع ڪرايل قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته چونڊون ڪرائڻ آئيني تقاضا آهي. سينيٽر مشتاق احمد قرارداد ۾ چيو آهي ته چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت جي ذميواري آهي. ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ پاران چونڊون ملتوي ڪرڻ جو منظور ڪيل ٺهراءُ غير آئيني ۽ غير جمهوري آهي، سينيٽ کي ڪو به اختيار نه آهي ته هو آئين جي ڀڃڪڙي ڪري. سينيٽر مشتاق احمد ٺهراءُ ۾ چيو آهي ته 8 فيبروري تي صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، سمورين پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ ڏني وڃي، سينيٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت پاس ڪيل ٺهراءُ کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.