ڀلي گڏيل قومن کان ٺهراءَ پاس ڪرايو،چونڊون وقت تي ٿينديون:بلاول

لاهور(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ٺهراءُ جي منظوري نه ڏني ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون.اين اي 127 لاهور جي علائقي ماڊرن ڪالوني ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته لاهور ۾ کير ۽ ماکي جون نديون وهن ٿيون، لاهور ۾ جيترو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ايترو پوري پاڪستان ۾ ضرورت ناهي، هتي عوام جي مسئلن تي نه پر اشرافيه جي مسئلن تي ڌيان هوندو آهي،هن چيو ته پ پ جي  اين ايف سي ايوارڊ سبب شهباز شريف لاهور ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي سگهيوهڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته (ن) ليگ ۽ پي ٽي آءِ چونڊون وڙهي رهيا آهن ته جيئن سندن اڳواڻ ۽ باني جيل مان فرار ٿي سگهن.هن چيو ته منهنجي ناني لاهور ۾ پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو، مان پنهنجي سياسي سفر جي شروعات لاهور کان ڪري رهيو آهيان، (ن) ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي ذاتي ايجنڊا آهي جڏهن ته منهنجي ايجنڊا عوامي آهي.چيف جسٽس آف پاڪستان چيو آهي ته 8 فيبروري تي چونڊون پٿر تي لڪير آهن، 8 فيبروري تي اتحادي چونڊون ٿينديون، اسان چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون ڪرايون وڃن.اسان سڀ قاضي صاحب جي فيصلي تي اعتماد ڪريون ٿا، قدم وڌايو قاضي صاحب اسان توهان سان گڏ آهيون،هن وڌيڪ چيو ته هو هن اليڪشن ۾ چونڊ وڙهندا، ماضي ۾ جنرل ضياءَ ۽ حميد گل سياسي پارٽين کي پنجاب تي مسلط ڪيو،هن چيو ته منهنجي ڪارڪنن کي نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو، هن صوبي جي گورنر کي قتل ۽ پ پ کي سازش تحت بدنام ڪيو ويو، مشڪلات باوجود چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺنداسين، منهنجو ڌيان منشور ۽ ڏهن نڪتن تي آهي، هن چيو ته پ پ لاهور ۾ حڪومت بڻائيندي، اسان ان اليڪشن ۾ سليڪشن جو مقابلو ڪنداسين، ماضي ۾ جنرل ضيا ۽ حميد گل پنجاب تي سياسي جماعتون مڙهيون

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.