سپريم ڪورٽ ڪنهن به شهري کي لاپتا نه ڪرڻ جي حڪومت کان لکت ۾ خاطري طلب ڪري ورتي

اسلام آباد (م ڊ ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان گم ٿيلن، جبري گمشدگين بابت ڪيس جي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم جاري ڪندي وفاقي حڪومت کان ڪنهن کي به گم نه ڪرڻ جي ضمانت گهري ورتي آهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان گم ٿيل ماڻهن ۽ جبري گمشدگين بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو  چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ لکيو آهي. سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کان ڪنهن کي به گم نه ڪرڻ جي ضمانت طلب ڪندي هدايت ڪئي آهي ته حڪومت لکت ۾ ضمانت عدالت ۾ جمع ڪرائي. حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به شهري کي قانون کان مٿانهون نه کنڀيو ويندو. اسلام آباد ۾ مظاهرين سان پوليس جي بدسلوڪي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته اسان جي نوٽيس ۾ آيو آهي ته عدالتي موڪلن دوران پرامن مظاهرين تي تشدد ڪيو ويو، عدالت ان معاملي جو سختي سان نوٽيس وٺي ٿي ڇو ته پرامن احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي. سپريم ڪورٽ پوليس کي اسلام آباد ۾ پرامن احتجاج ڪندڙن سان ناروا سلوڪ کان روڪي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ مسنگ پرسنز ڪميشن کي 10 ڏينهن اندر تفصيل اٽارني جنرل کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت اٽارني جنرل کي مسنگ پرسنز ڪميشن جي رپورٽ اچڻ بعد حتمي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو. حڪم نامي ۾ سينيٽ مان مسنگ پرسنز بل جي گمشدگي جو به ذڪر ڪندي عدالت چيو آهي ته الزام آهي ته هڪ وفاقي وزير جي ڪوششن کي ان جي ئي پارٽي جي ووٽن سان چونڊيل سينيٽ چيئرمين ناڪام بڻايو، اهيو سنگين الزام آهي جيڪو صادق سنجراڻي تي لڳايو ويو آهي، صادق سنجراڻي کي درخواستگذار طرفان ڌر ناهي بڻايو ويو، جيستائين درخواستگذار کيس ڌر نه بڻائيندا تيستائين انهن الزامن جي ٻڌڻي ڪرڻ مناسب نه هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.