اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ناليواري تجزئي نگار اسد علي طور چيو آهي ته ڪٺ پتلي وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بلوچ مظاهرين ۽ لاپتا ماڻهن بابت ڪجهه فرمان ڪيا آهن، عمران رياض جو ڪنڊڪٽ اڃا به سواليه نشان آهي،پنهنجي وي لاگ ۾ هن چيو ته گرائونڊ تي فوجي اسٽيبلشمينٽ گيم کيڏي آهي، ان سان پي ٽي آءِ جو ووٽر آئوٽ ٿي ويندو،ان جا تفصيل پنهنجي ايندڙ وي لاگ ۾ ڏيندس،هن چيو ته عمران رياض گذريل ڏينهن ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ڌرڻي واري ڪئمپ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ماه رنگ بلوچ آڏو هٿ جوڙي بلوچ لاپتا ماڻهن بابت پنهنجي ماضي واري بيانئي تي معذرت ڪئي آهي، هن چيو ته بلوچ ڪئمپ جي ڪوريج ڪرڻ تي نادر بلوچ، فاطمه رزاق ۽ ٻين صحافين کي هراسان ڪيو پيو وڃي،پي ٽي آءِ جي يوٽيوبرز لاءِ اسٽوري پنهنجي پيئرن،ڀائرن،پٽن لاءِ ويٺل بلوچ نياڻين لاءِ ناهي، انهن کي ڪئمپ تي رڳو عمران رياض جي آمد تي اسٽوري لڳائڻ جو چسڪو هو،هن چيو ته عمران رياض پنهنجي آمد کان اڳ سمورن يوٿيوبرن کي پيغام موڪليو هو ته اچو منهنجي ڪوريج لاءِ،هن کي دلي همدردي نه پر پنهنجي برينڊ جي ڳڻتي آهي، مان پنهنجي وي لاگ ۾ اصل متاثرن جي اسٽوري ڪڍي آهي،ان ڪئمپ ۾ ويڍل مائرون،ڀينرون نياڻيون ڪهڙي اذيت ۾ ويٺل آهن عمران رياض کي ان ڳالهه جو احساس ناهي، کيس پنهنجي معافي کي نه وڪڻڻ گهرجي، عمران رياض انهن بلوچ نياڻين تي ڪهڙو احسان ڪيو اهي؟ ڇا نور مقدم خلاف وي لاگ ڪرن تي هو معافي وٺندو؟ عمران رياض قبر ۾ پيل نور مقدم جي ڪردار تي سوال اٿاريا ڇا انهن جي معافي وٺندو؟ هن چيو ته عمران رياض آءِ ايس آءِ جي سيف هائوسز ۾ ويهي فائلون وٺي سياستدانن خلاف پروپيگندا ڪندو هو، پي ٽي آءِ جي عوام کي هن گمراهه ڪيو، ان جي بدلي فارم هائوس ٺاهيا، ڪروڙن اربين رپين جا اثاثا ٺاهيا، ڇاکيس ان ڳالهه تي ندامت هوندي ته هن فوج سان گڏجي اهو پئسو ٺاهيو ۽ اهو پئسو شوڪت خانم اسپتال کي عطيو ڪندو؟ هن چيو ته بلوچن جي قتل عام ۽ جبري گمشدگين کي ٺيڪ قرار ڏيندڙ انوارالحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم بڻائي اسٽيبلشمينٽ بلوچن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو آهي،انوارالحق ڪاڪڙ جهڙن ماڻهن کي اڳيان آڻي اسٽيبلشمينٽ خود بلوچستان کي پاڪستان کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، انهن (اسٽيبلشمينٽ) جو پيغام آهي ته بلوچ اسان لاءِ جانور آهن،اسلام آباد ۾ آيا ته انهن کي لٺيون هڻنداسين، بلوچستان ۾ مقامي صحافين کي ڪوريج جي اجازت ناهي، اسان کي ڪڏهن پهچ ڏني وئي آهي، شفيق مينگل جي علائقي ۾ اجتماعي قبرون ملي رهيون آهن، ٻڌايو ته اهي مسخ ٿيل لاش ڪنهن جا آهن؟ ڪاڪڙ گم ٿيل ماڻهن جي ڪئمپ تي چٿرون ڪري رهيو آهي، ڪاڪڙ کي بلوچن کي عدالتن مان سزائون نه ملڻ جو ڏک آهي، ڪوڙن ڪيسن تي عدالتون ڇو سزائون ڏينديون؟ ڪاڪڙ ڪهڙي منهن سان اهڙيون ڳالهيون ڪري ٿو، او آءِ سي جي ڪانفرنس ۾ ڪاڪڙ هڪ ڪنڊ ۾ بيٺل هو، ان کان وڌيڪ پاڪستان جي ڪهڙي بي عزتي ٿيندي؟ ايفل ٽاور گهمڻ جو شوقين ڪاڪڙ بلوچن خلاف نفرت رکي ٿو ۽ ان عمل مان کيس فائدو ملي ٿو