خيرپور/ڪنگري (رپورٽ : مختيار ڦلپوٽو/ وسيم سنڌي) ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو ڏوهن ۽ سماجي برائين تي ضابطو نه آڻڻ ۽ بي گناهه ماڻهن جا نالا ايف آءِ آر ۾ ڏيڻ تان وڏا مهيسر ٿاڻي جي ايس ايڇ او سرفراز کوسو کي معطل ۽ لائين ڪلوز ڪري ڇڏيو. ايس ايس پي خيرپور، ايس ايڇ او خلاف جاچ ڪرڻ جو پڻ حڪم جاري ڪيو آھي ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي ڊاڪٽر سميع الله سومرو ايس ايڇ او سرفراز کوسو کي بلوچستان جي قومپرست اڳواڻ ماهه رنگ بلوچ خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ تي معطل ڪيو آهي.