محمد ميان سومري جي پيرپاڳاري سان ملاقات

ڪراچي( رپورٽر ) حرن جي روحاني پيشوا پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ،گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي سربراھ پير صاحب  پاڳارا سان جي ڊي اي جي ڪور ڪميٽي ء پارلياماني بورڊ جي اڳواڻن ء اڳوڻي صدر ميان محمد سومرو راجه ھاؤس م ملاقات ڪئي،اجلاس دوران جي ڊي اي جي ڪور ڪميٽي عام چونڊن م حصو وٺندڙ اميدوارن جي فھرست پيش ڪئي،جنھن جي پير صاحب پاڳاري منظوري ڏني،اجلاس ۾ سيد صدرالدين شاھ راشدي ،ڊاڪٽر صفدر عباسي ،اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ،سردار عبدالرحيم ،حسنين مرزا،صادق کوسو ايڊووڪيٽ شامل ھئا،اميدوارن جي حتمي فھرست جو اعلان ايندڙ ھڪ ٻن ڏينھن ۾ ڪيو ويندو،اجلاس م ان عزم جو اظھار ڪيو ويو ته  جھموريت پسند ،سنڌ دوست عوام ء سياسي جماعتن کي ھڪ پليٽ فارم تي آڻي سنڌ دشمن قوتن کي شڪست ڏينداسين،

ملڪ جي مختلف ضلعن جي 14 ماحولياتي نمونن ۾ پوليو جي تصديق

اسلام آباد (م ڊ ) ملڪ جي مختلف ضلعن مان 14 ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي  تصديق ٿي آهي. صحت واري وزارت جي ترجمان موجب پوليو وائرس پشاور مان 3، حيدرآباد مان 2 ۽ ڪراچي اوڀر مان 2 نمونن ۾ مليو آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪراچي سينٽرل، ڪياماڙي ۽ ويسٽ مان هڪ هڪ نموني ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي، جڏهن ته سکر، ڪوئيٽا، ڪوهاٽ ۽ اسلام آباد مان به هڪ هڪ نموني ۾ وائرس رپورٽ ٿيو آهي. ترجمان جو چوڻ هو ته سمورن نمونن ۾ ملندڙ پوليو وائرس سرحد پار کان آيو آهي. صحت واري وزارت جي ترجمان عوام کي اپيل ڪئي ته پوليو جا ڦڙا پيارڻ سان ئي ٻارن کي بچائي سگهجي ٿو، والدين 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا ضرور پياري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.