چونڊون ۽ سياسي استحڪام

ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي حوالي سان اھم سوال ملڪ ۾ سياسي استحڪام جو ٿي رھيو آھي.عام طور تي اھو خيال ھوندو آھي تھ چونڊن ۾ جيئن تھ سمورين سياسي ڌرين کي پنھنجي عملن جي بنياد تي عوام چونڊيندو آھي، انڪري ھارايل ڌرين کي وري ايندڙ چونڊن تائين ان جو انتظار ڪرڻ گھرجي، تيستائين انھن کي عوام سان رابطو ڪري پنھنجي پروگرام کي پکيڙڻ سان گڏوگڏ ھنن جي نظر ۾ حڪومت جي عوام جي مفادن خلاف ڪيل عملن جي نشاندھي ڪرڻ ۽ ان کي روڪڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻ گھرجي. جڏھن تھ عام حالتن ۾ شفاف چونڊ عمل جي نتيجي ۾ ڪامياب ٿيندڙ جماعتن کي ملڪ جي عام ماڻھو جي زندگيءَ ۾ آسانيون پئدا ڪرڻ جي لاءِ پروگرام جوڙڻ ۽ انھن تي عمل ڪرڻ گھرجي.

پاڪستان ھڪ اھڙو ملڪ آھي جتي پھرين ڏينھن کان جمھوريت کي وڌڻ ويجھڻ کان روڪڻ جي جيڪا سازش ٿي ھئي، ان جو تسلسل ھن وقت تائين جاري آھي،بدقسمتيءِ سان ملڪ ۾ جمھوريت جو دور بنهھ مختصر رھيو آھي،جنھن ڪري جمھوري رويا ۽ جمھوري اصول يا قدر گھڻو جٽادار نھ ٿيا آھن.جنھن ڪري ملڪ ۾ جمھوريت کي ڪو گھڻو سمجھيو ئي نٿو وڃي.

  ھن وقت چونڊون تھ ٿي رهيون آهن. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ھتي طبقاتي ورڇ، ڦرلٽ،غير جمھوري عملن، صحت،تعيلم توڙي عام ماڻھن جي انھن تڪليفن کي بحث جو موضوع ئي نٿو بڻايو وڃي، يا وري انھن مسئلن جي حل جو ڪو عمل جوڳو حل ئي نٿو ڏنو وڃي.جنھن ڪري عام ماڻھو انھن مسئلن ۾ عرصي کان ڦاٿل رھندو پيو اچي.

  وڏين سياسي پارٽين جو آئين ۽ منشور ۽ چونڊ پروگرام ڏسي حيرت ٿيندي ته انهن وڏين پارٽين جي دستاويزن ۾ طبقاتي ورهاڱي جو ذڪر به نه آهي ۽ جيڪڏهن آهي ته به ان جو ڪو به ٺوس حل يا پروگرام ناهي.  هڪ تلخ سچ آهي ته ننڍيون پارٽيون عوام جو ڌيان ڇڪائڻ ۾ ناڪام ويون آهن.ڪا به پارٽي اهڙي ناهي جيڪا انقلاب جي ڳالهه ڪري. بلڪه انقلابي پارٽين به انقلاب جون ڳالهيون ڇڏي، جمهوري عمل ۽ جدوجهد ذريعي عوامي مسئلا حل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.ھاڻي تھ جمھوريت جي پروگرام تان بھ ھٿ کڻي ويون آھن. انهن حالتن ۾ حقيقي يا سوشل جمهوريت جو تھ ڪو سوال ئي سامھون نھ آيو آھي.ڪنهن به پارٽيءَ جي پروگرام ۾ پاڪستان جي غربت ۽ طبقاتي ورهاست کي ختم ڪرڻ جو ڪو روڊ ميپ نظر نه ايندو.

 پاڪستان ۾ ساڄي ۽ کاٻي ڌر جو فرق لڳ ڀڳ ختم ٿي ويو آهي. سياسي پارٽين وٽ اصل مقصد رڳو اقتدار حاصل ڪرڻ  رھجي ويو آھي ، ان ڪري عوام جي حقيقي مسئلن جي حل واري منشور يا وري اهڙن بحثن کان پاسو ڪنديون آهن.

 جنهن جو لڳ ڀڳ مطلب اھو ٿو ٿئي تھ ملڪ جي سماجي ۽ سياسي تسلسل ۾ ڪو فرق نھ پوڻو آھي.نتيجي ۾ انھن چونڊن مان ڪنهن وڏي تبديليءَ جي اميد رکڻ درست نه ٿيندو.

 اهي چونڊون قومي مسئلن تي ڪو ٺوس نظريو پيش ڪرڻ بدران ذاتي خوبين ۽ نيڪ نيتن جي پروپيگنڊا جي بنياد تي وڙهيون پيون وڃن.جنھن ڪري سياست تي نظر رکندڙ ماھرن جو خيال آھي تھ ملڪ ۾ سياسي استحڪام،معاشي مضبوطي يا وري آئيني استحڪام جو تعلق ملڪ جي مضبوط حڪومت سان آھي.پر جئين ھن ملڪ ۾ ھڪ عرصي کان ٿيندو آيو آھي ائين ھڪ ڀيرو وري ملڪ ۾ عام چونڊن جو مطلب وري ڪنھن ٻي جماعت کي ماڻھن جي مٿان مڙھڻ ئي سمجهھ ۾ اچي رھيو آھي.

مٿي ذڪر ڪيل حالتن ۽ پس منظر بعد اھو ئي سمجھيو پيو وڃي تھ ايندڙ حڪومت جٽادار نھ ھوندي جنھن ڪري وري ڪجھھ وقت بعد ساڳي مشق کي ورجائڻو پوندو. ھن وقت سياسي ڌرين کي بلوغت جو مظاھرو ڪندي ملڪ کي درپيش مسئلن کي نظر ۾ رکندي سمورين سياسي پارٽين ۽ رياست جي اسٽيڪ ھولڊرز کي گڏ ڪري ملڪ جي سنگين صورتحال کي محسوس ڪندي ان موجب گڏيل حڪمت عملي سان وسيع معنيٰ ۾ سياسي،معاشي ۽آئيني بحران جي حل لاءِ اڳتي اچڻ گھرجي.ان کانسواءِ ملڪ مان بحران ختم ٿيڻ جو ٻيو ڪو بھ رستو نھ آھي.

2023 ۾ڪراچي ۾ مزاحمت تي 35 سيڪڙو وڌيڪ قتل جا واقعا ٿيا

سال پوري ٿيڻ تي مختلف ادارا حساب ڪتاب ۽ ليکو چوکو ڪندا آھن،اھڙو ھڪڙو ليکو ملڪ جي وڏي شھر ڪراچي ۾ سال 2023 ۾اسٽريٽ ڪرائم جو ھي آھي تھ ڦورن ۽ اسٽريٽ ڪرمنلز جي ڦر لٽ ۽ چوري جي وارداتن دوران مزاحمت تي 135 ڄڻن حياتيءَ وڃائي ۽ 1150 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿيا. مارجي ويلن ۾ واپاري، دڪاندار، شاگرد، مذهبي اسڪالر، سرڪاري عملدار، پوليس اهلڪار، مزدور ۽ ٻيا شهري بھ شامل هئا. اھو انگ سال 2022ع دوران 118 ھو.  جڏهن ته 2022ع جي مقابلي ۾ 2023ع ۾ ڦر جي واقعن دوران شهرين کي مارڻ جي واقعن ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.

 جنوري 2023 ۾ ڦر دوران مزاحمت تي 15 ڄڻن، فيبروري ۾ 11 ڄڻن، مارچ ۾ 10 فردن، اپريل ۾ 12 شهرين.مئي ۾15 ماڻھن،جون ۾ 10 انسانن،جولاءِ ۾11 بي گناھن، حياتيون وڃايون.ساڳئي سال آگسٽ ۾ 8 شهرين،سيپٽمبر ۾ 14 ماڻھن،آڪٽوبر ۾ 10 ڄڻن، نومبر ۾ 11 فردن ۽  ڊسمبر ۾ 8 شهرين ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿا.   سال 2023 ۾ اوڀر ضلعي ۾ 35 ،سينٽرل ضلعي ۾ 26 ، اولهه ضلعي ۾ 23 ، ڪورنگي ضلعي ۾18، ملير ضلعي ۾ 15 ، ڪياماڙي ضلعي ۾ 14 ۽ ڏکڻ ضلعي ۾ 2 شهرين مزاحمت تي مارجي ويا.

شھرن ۾ بدامني جي ان لھر ۾ ھي اھو انگ آھي جيڪو رڪارڊ جو حصو بڻيو آھي.جڏھن تھ ڪجهھ ڪيس ان ۾شامل نھ بھ ھوندا. ان مان فوري نتيجو اھو نڪري ٿو تھ بدامني آھي،پر ان جي ٻين سياسي سماجي پاسن جو اڀياس ڪبو تھ ان ۾ بک بدحالي،مھانگائي،معاشي ۽ سياسي پھلوءَ بھ نروار ٿيندا.

اسان وٽ معاملن جي تھھ تائين وڃڻ جو راوج گھٽ آھي، نھ تھ ان جو مڪمل اڀياس ٿيڻ گھرجي ھا، جنھن بعد سامھون ايندڙ سبب کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙڻ کپي. اھو سڀ ڪجھه حڪومت جي ئي ذميواري آھي،جنھن تي ڪم گھٽ ئي ڪيو وڃي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.