مضبوط معيشت واري بنگلاديش ۾ شفاف چونڊون ممڪن آھن؟

بنگلاديش ۾ 7 جنوري تي عام چونڊون ٿي رھيون آهن.جنھن جا نتيجا ھاڻي کان ئي پڌرا نظر اچي رھيا آھن.مخالف ڌر جي وڏين پارٽين چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو آھي ۽ اپوزيشن جي اڳواڻن کي جيل ۾ وڌو ويو آھي. حڪمران عوامي ليگ مسلسل چوٿون ڀيرو کٽڻ جي تياري ڪري مڪمل ڪري ورتي آهي.

سڀ کان وڏي اپوزيشن جماعت بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) ۽ ان جي اتحادين جو چوڻ آهي ته کين يقين آهي ته وزيراعظم شيخ حسينه آزاد ۽ منصفاڻي چونڊ ٿيڻ نھ ڏيندي. بي اين پي وزيراعظم شيخ حسينا کان استعيفيٰ ڏيڻ سان گڏ عبوري ۽ اڻڌري حڪومت جوڙي ان کان چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آھي جنھن کي حڪومت رد ڪري ڇڏيو آھي. بي اين پي جي سينيئر اڳواڻ عبدالمعين خان بي بي سي کي ٻڌايو ته” بنگلاديش ۾ جمهوريت مري چڪي آهي. اسان جنوري ۾ جعلي چونڊون  ڏسنداسين “

نقاد سوال ڪن ٿا ته عالمي برادري سرڪار جي انتظاميه کي جوابدھ بڻائڻ  لاءِ وڌيڪ قدم ڇو نھ کڻي رھي آهي ؟ بنگلاديش جي قانون واري وزير انيس الحق موجب چونڊون عوام جي شرڪت سان طئي ٿينديون آهن.چونڊن ۾ بي اين پي کان سوءِ ٻيون بھ سياسي پارٽيون حصو وٺي رهيون آهن. شيخ حسينا جي اڳواڻي ۾ مسلم اڪثريت وارو ملڪ اڳي دنيا جي غريب ملڪن ۾ ڳاڻيٽو ٿيندو هو. پر 2009 کان اعتبار جوڳي اقتصادي ڪاميابي حاصل ڪري مستحڪم معيشت جو مالڪ ٿي ويوآهي. هاڻي ھي ملڪ خطي جي تيز ترين اڀرندڙ معيشتن مان هڪ آهي. بنگلاديش هندستان کان بھ اڳيان نڪري چڪو آهي. ان جي في فرد آمدني گذريل ڏهاڪي جي ڀيٽ ۾ ٽيڻ تي وڌي آهي ۽ ورلڊ بينڪ جو اندازو آهي ته گذريل 25 سالن ۾ 25 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو آهي.

ٻئي پاسي آگسٽ ۾ اڳوڻي آمريڪي صدر بارڪ اوباما سميت 170 کان وڌيڪ عالمي شخصيتن، حسينه واجد کي هڪ کليل خط لکيو ھو. جنهن ۾ هنن نوبل انعام يافته محمد يونس جي ” خلاف مسلسل عدالتي ڪارروائين ۾ گھلڻ ۽ هراسان ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ تي زور ڏنو ھو“.

تازو حڪومت خلاف مظاھرن کانپوءِ بي اين پي، جي سينيئر اڳواڻن کي ھزارين حامين سان گڏ گرفتار ڪيو ويو.حڪومت  تي الزام آھي تھ اپوزيشن پارٽي جي 20 هزار کان وڌيڪ حامين تي ڪوڙا الزام لڳائي گرفتار ڪيو ويو ۽ لکين ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. پر شيخ حسينه واجد جي حڪومت انهن الزامن کي سختي سان رد ڪري ٿي. بھرحال انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته حسينه واجد جي دور ۾ سياسي بنيادن تي گرفتاريون، گمشدگين، قتل ۽ بدامني ۾ اضافو ٿيو. هيومن رائٽس واچ حڪومت پاران اپوزيشن جي حامين جي گرفتارين کي ”پرتشدد آمراڻو ڪريڪ ڊائون“ قرار ڏنو آهي.

1980ع  جي ڏهاڪي ۾ شيخ حسينه جنرل حسين محمد ارشاد جي حڪومت ۾ جمھوريت لاءِ ميدان تي نڪتي ھئي ۽ پنھنجي مخالف بيگم خالدھ ضيا سميت ٻين اپوزيشن اڳواڻن سان ھٿ ملايو ھو. ملڪ جي باني شيخ مجيب الرحمان جي وڏي ڌيءَ 1996ع ۾ ٿيل  گھڻ پارٽي اليڪشن ۾ پهريون ڀيرو اقتدار ۾ آئي. ان کان پوءِ 2001ع جي چونڊن ۾ خالده ضياءَ جي اڳواڻي ۾ بي اين پي کي شڪست ملي ھئي.مقامي طور تي ٻنهي عورتن کي ‘مقابلو ڪندڙ بيگمات’ سڏيو ويندو آهي.’بيگم‘ مان مراد هڪ اعليٰ مرتبي واري مسلمان عورت آهي.

بيگم ضياءَ  ڪرپشن جي الزامن ۾ نظربند آهي ۽ بي اين پي، جي متحرڪ قيادت جي کوٽ سبب پارٽي مشڪلات ۾آهي. سيد ميان وانگر، بي اين پي جا ڪيترائي حامي ظلم کان بچڻ لاءِ لڪي ويا آهن. 28 سالن جي نوجوان، جن جا نالا سڃاڻپ بچائڻ لاءِ تبديل ڪيا آهن، سيپٽمبر ۾ سياسي احتجاج ۾ حصو وٺڻ سبب مهينو جيل ۾ گذاريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.